ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ڪي سي آر منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آھي، ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي شهر ٺهڻ سان ترقي ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير ٻيٽن بابت منصوبي تي نظرثاني ڪري، وزيراعظم عمران خان چيو تھ ٻيٽن جي منصوبي بابت سنڌ سرڪار سان ڳالهائينداسين، سياسي اختلاف وساري ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ اسان ڪي سي آر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وڃون پيا، ڪراچي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جو آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي تھ ڪراچي ۾ 5 وڏن منصوبن تي ڪم جاري آهي، ڪي سي آر منصوبي سان ڪراچي واسين کي فائدو ٿيندو، گرين لائن منصوبو به آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو، آڪٽوبر ۾ وزيراعظم گرين لائن منصوبي جو افتتاح ڪندو، ڪراچي جي ٽن وڏن نالن مان 11 لک ٽن ڪچرو ڪڍيو ويو.
