92

ڪورونا وبا کان بچاءُ جي ويڪسين نه ڪرائيندڙ شهري خبردار ٿي وڃن، اين سي او سي طرفان پهرين آڪٽوبر کان ويڪسين نه ڪرائيندڙ شهرين تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين نه ڪرائيندڙ شهري خبردار ٿي وڃن: اين سي او سي. اين سي او سي پاران پهرين آڪٽوبر کان ويڪسين نه ڪرائيندڙ شهرين تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ جو واحد طريقو ويڪسينيسن آهي، ويڪسينيشن مڪمل ٿيڻ تائين بندشن کي منهن ڏيڻو پوندو. ويڪسينيشن وڌڻ سان بندشن ۾ به نرمي ڪئي پئي وڃي، اين سي او سي طرفان اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا سوڌو 8 شهرن ۾لاڳو ڪورونا بندشن ۾ نرمي جو اعلان ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو