اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين کي سينيٽر بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.رپورٽ مطابق وفاقي وزير شوڪت ترين کي سينيٽر بنائڻ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ذريعن موجب شوڪت ترين کي سينيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪهڙو سينيٽر استعيفيٰ ڏيندو ان حوالي سان فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين کان صحافي سوال ڪيو ته اوهان ڪڏهن خوشخبري ڏئي رهيا آهيو ته شوڪت ترين جواب ڏنو ته خوشخبري جلد اچي رهي آهي.
