107

وفاقي حڪومت پاران مهنگائي جي ستايل عوام مٿان هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جو تياريون

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران مهانگائي جي ستايل عوام مٿان هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 روپيه 25 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت اڄ رات جو نئين قيمتن جو اعلان ڪندي. رپورٽ مطابق پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ واري اوگرا جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي ملي وئي آهي. پهرين آڪٽوبر کان پيٽرول 5 روپيه 25 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 3 روپيه في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو