خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ ٻڏي ويل شاگرد کي اغوا بعد نشو ڏئي اجتماعي ڏاڍائي ڪري قتل ڪرڻ جو انڪشاف، ان سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ٻڏي فوت ٿيل معصوم شاگرد اويس رحمان پٽ شاهنواز ڪلهوڙي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڏاڍائي ۽ قتل جي تصديق ٿي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺ پنجل ڪلهوڙو واسي نينگر کي اغوا ڪري نشو ڏئي ڏاڍائي بعد قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙهيو ويو، هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول جي ماءُ فهميده ڪلهوڙو جي فرياد تي عيسيٰ، شهزادي، قيوم، عنايت الله، اساما ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ مدثر، اڪرام الله، عبدالواحد، نبي الله ۽ 3 نامعلوم به نامزد ڪيا ويا آهن، هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، مقتول نينگر جي امڙ احتجاج ڪندي چيو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
144