132

پاڪستان ۾ پيٽرول جو اگهه اڃان به گھٽ آهي، تيل وٺڻ لاءِ سعودي ناڻو ڏيندو: شوڪت ترين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته خطي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جو اگهه اڃان به گھٽ آهي. اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته رڳو 16 ملڪ اهڙا آهن جتي پيٽرول جو اگهه اسان کان گھٽ آهي ۽ اهي ملڪ پاڻ تيل پيدا ڪندڙ آهن. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن ڀارت، بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ به پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه گھٽ آهن، اسان ان ۾ وڌيڪ گھٽتائي ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته هن وقت مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت اگهه گھٽائڻ چاهي ته ريونيو ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ان کي کيسي مان پيسا ڏيڻا پوندا ۽ پيٽرول ليوي جيڪا 2018ع ۾ 30 رپيا في ليٽر هئي اها گھٽجي 2 کان اڍائي روپين تائين اچي وئي آهي. حڪومت بجٽ ۾ پيٽرول ليوي جي مد ۾ 600 ارب روپيا گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو آهي ان جي باوجود اسان ليوي نه پيا لڳايون. ان کان وزيراعظم روڪي ڇڏيو آهي وزيراعظم چيو ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. وفاقي وزير ٻيهر ورجايو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪرڻ شروع ڪئي آهي جنهن جا اثر ريونيو تي پئجي رهيا آهن، ايف بي آر هن وقت 3 مهينن جي عرصي ۾ پنهنجي هدف کان 190-185 ارب روپيا وڌيڪ گڏ ڪيا آهن. شوڪت ترين چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايت تي ڪامياب پاڪستان جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٿوري دير ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ان پروگرام تحت 40 کان 60 لک آبادگارن کي هر پوک لاءِ ڏيڍ لک رپيا ڏنا ويندا ۽ هر سال 2 لک روپيا انهن کي اوزارن جهڙوڪ ٽريڪٽر، ٿريشر وغيره لاءِ ڏنا ويندا ۽ شهرين گهراڻن کي 5 لک رپيا ڪاروبار لاءِ بنا وياج جي ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي آهي، هڪ ڪروڙ 20 لک غريب ڪٽنبن کي هن ئي مهيني کان کائڻ پيئڻ جي شين تي سڌي ريت سبسڊي ڏني ويندي. ٻي پاسي جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته سعودي عرب سان معاملا طئي ٿي ويا آهن جيڪو تيل وٺڻ لاءِ اسان کي ٻن سالن ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ڏيندو. هر مهيني 15 ڪروڙ ڊالر ملندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو