اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب 56 ڄڻا فوت، 1411 نون ڪيسن جي تصديق ٿي،رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح گهٽجي 2.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 7 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 7414 ٿي ويو آهي جڏهن ته 16243 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 756 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7414 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 16243 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 756 ڪيسن جو پتو پيو جيڪي 4.7 سيڪڙو موجوده تشخصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6039772 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 457862 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 93.7 سيڪڙو يعني 428877 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 216 پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 21571 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 21119 گهرن ۾، 31 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 421 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 389 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 33 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 756 نون ڪيسن مان 161 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 62، ڏکڻ 39، اولهه 18، ملير 17، ڪورنگي 13 ۽ سينٽرل 12 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 115، شهيد بينظير آباد ۽ سجاول 51-51، نوشهروفيروز 47، مٽياري 37، بدين ۽ سانگهڙ 31-31، ڄامشورو 30، ٺٽو 28، ٿرپارڪر 27، ٽنڊو الهيار 21، ميرپورخاص 20، عمرڪوٽ 17، گهوٽڪي، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان 16-16، جيڪب آباد 13، دادو 12، لاڙڪاڻو 9، خيرپور 2 ۽ شڪارپور 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.
