105

پاڪستاني طالبان جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪندا ته کين عام معافي ڏينداسين: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان ڳالهيون هلن پيون. ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان  وڌيڪ چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ڪجهه گروپ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، اسان به ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروپن سان رابطي ۾ آهيون.  هن چيو ته پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان هٿيار ڦٽا ڪري ته ان کي معافي ملي سگهي ٿي، ٽي ٽي پي وارا عام شهري طور رهي سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽي ٽي پي کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ ۽ انهن کي عام پاڪستاني شهري ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ افغان طالبان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، طالبان جي ٽياڪڙي رڳو ايتري حد تائين آهي جو ڳالهيون افغانستان ۾ ٿي رهيون آهن. افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان سدائين اهو ئي چيو ته افغان مسئلي جو فوجي حل ممڪن نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو