129

تاج محمد وساڻ اصول پرست سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ..

ليکڪ: زين سولنگي

ھڪ وڏي عرصي کان ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي آباد ڪرڻ ۽ انھن جي سماجي حالتن کي بھتر ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ جاکوڙيندڙ تاج محمد وساڻ 23 آڪٽوبر  1964ع تي ڳوٺ مٺل وساڻ، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ غلام نبي وساڻ  جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڀر واري ڳوٺ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇوڏاھو ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول پيرگڊو ۾ پڙھيو، مئٽرڪ 1981ع ۾ فيض ھاءِ اسڪول ڪوٽڏيجي مان ڪري گورنيمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئر (DAE) ۾ داخلا ورتائين ۽ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي  پاس ڪيائين. اسڪول جي زماني ۾ ئي پاڻ سياسي طرح متحرڪ رھيا ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ شامل ٿيا، ڪاليج ۽ يونيورسٽي واري دور ۾ وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾شامل ٿيا ۽ سياسي طور گهڻو تحرڪ ۾ رھيا، 1987-88ع ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ نوڪري ڪندي اتي سماجي ڪمن ۾ حصو ورتائون ۽ خدا بخش وساڻ جي تربيت ھيٺ دوستن سان گڏجي نوجوانن جي تربيت ڪندا رھيا. ان ئي دور ۾ قاضي شاھ محمد، غلام حسين (ظفر) شيخ، شاھه محمد چنا ۽ ٻين دوستن سان گڏ سماجي تنظيم ”سنڌي سڄڻن ساٿ“ جو بنياد وڌائون. ان پليٽ فارم تان ڪراچي شھر جي قديم سنڌي وسندين جي سروي ڪيائون، اتي مختلف يونٽ کوليائون ۽ اتان جي سماجي مسئلن کي ميڊيا ۾ اٿاريو، حڪومت سان لهھ وچڙ ڪري مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا ۽ ابراھيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ ڳوٺن جي بچاءَ ۽ سڌارن لاءِ وڏو سيمينار ڪرايو، جنھن جي صدارت ان وقت جي صوبائي وزير عبدالستار بچاڻي ڪئي، سيمينار ۾ صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچيءَ جو چيئرمين شفيع محمد ڄاموٽ، سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي . جنهن وقت سنڌين لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهائشي آباديون بنائڻ مشڪل هو ، ان وقت  تاج محمد وساڻ جھڙن نوجوانن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، سنڌ پرست ڪامورن ۽ سنڌ جو درد رکندڙ حڪومتي عھديدارن سان ملي نئين جذبي سان سنڌي آباديون ٺاھي سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيو. تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، قاضي شاھ محمد، خدا بخش وساڻ، سيد دين محمد شاھه ۽ ٻين دوستن گڏجي 1988ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ڀر ۾ واقع قديم وسندي سچل ڳوٺ کي نئين سر منصوبابندي تحت جوڙيو ۽ غير محفوظ سنڌين کي ھتي آباد ڪرڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جي بنيادي سھولتن لاءِ سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ويو. 1992ع ۾ ھتان جي ساڃاھه وند دوستن سان گڏ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ جو بنياد وڌو ويو ۽ تاج محمد وساڻ کي شاخ جي اليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪرم الاھي چنا صدر ۽ پروفيسر علي انور بالادي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. ان پليٽ فارم تان روڊ، اسڪول، ٽيليفون، سوئي گيس، پاڻيءَ جھڙيون اسڪيمون حاصل ڪيو ويون ۽ 1993ع ۾ روشن تارا اسڪول جو بنياد وڌو ويو جنھن جو پھريون چيئرمين ڪرم الاھي چنا ۽ وائيس چيئرمين تاج محمد وساڻ کي چونڊيو ويو. تاج محمد وساڻ سگا سچل ڳوٺ شاخ جو 1998-99ع ۽ 2000-2002ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان عرصي ۾ هن چمڙي، اکين جي بيمارين ۽ ٻين مرضن لاءِ طبي ڪئمپون لڳرايون، تاج محمد وساڻ  2004-2003 ۾ سگا جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان کانپوءِ مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پڻ ٿيو ۽ هن وقت روشن تارا سيڪنڊري اسڪول سچل ڳوٺ جي اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽي جا چيئرمين پڻ آھن، سگا مرڪز پاران 2000ع ۾ سندس سماجي خدمتن عيوض گريجوئيٽ شيلڊ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هو معاملن کي سنجيدگي ۽ معاملافھمي سان حل ڪرڻ جو ماھر آهي، تاج محمد وساڻ سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رھيو.۽ بعد ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو پڻ 4 سال جنرل سيڪريٽري رھيو ۽ ان پليٽ فارم تان ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ ڳوٺ کي ليز ڪرائڻ ۽ مالڪاڻا حق ڏيارڻ، سچل ڳوٺ ۾ پرائمري، مڊل، ھاير سيڪنڊري اسڪول کولرائڻ، شھيد بينظر ڀٽو پبلڪ لائبرري لاءِ ڪوششون وٺڻ، سچل ڳوٺ ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر، غازي ڳوٺ جي ڊگري ڪاليج، شاھنواز شر ڳوٺ ۾ ڪاليج کولرائڻ ۾ سندس ڪردار بي مثالي رھيو آھي، سال 2005ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪراچيءَ جي يونين ڪائونسل گلزار ھجري جو نائب ناظم ٿيو، ان پليٽ فارم تان پڻ پنھنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايائين. 2018ع جي جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ايم پي اي لاءِ پي ايس 100 تان اليڪشن ۾ حصو ورتائين، اڄ به  تاج محمد وساڻ رات ڏينھن سياسي ۽ سماجي حوالي سان ڪراچي جي سچل ڳوٺ سمت ٻين وسندين جي خدمت لاءِ اڳ کان اڳرو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو