ليکڪ: سچن گوگوئي
ويجهڙ ۾ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس سان گڏوگڏ اتي ٿيندڙ سفارتي ملاقاتن مان اندازو ٿي رهيو آهي ته انتهائي اهم انڊو پيسيفڪ خطي ۾ طاقت جو نئون توازن قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ظاهر طور تي آمريڪا چين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڀائيوارن وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انهن ڳالهين دوران انڊيا جي آڏو مسئلو گهڻن آپشنن جو آهي، خاص ڪري آمريڪا سان ان جي لاڳاپن ۾ فوجي عنصر شامل آهي، هڪ ڊگهي عرصي کان انڊيا جو ڪنهن وڏي طاقت سان فوجي اتحاد نه ڪرڻ وارو موقف هاڻ آزمائش ۾ پئجي ويو آهي، ڇو ته آمريڪا جي علي الاعلان مقصد اهو آهي ته طالبان جي ڪنٽرول واري افغانستان ۾ ويجهي مستقبل ۾ فوجي صلاحيتون برقرار رکيون وڃن، ياد رهي ته افغانستان ۾ آمريڪي مشن جي خاتمي تي صدر بائيڊن چيو هو ته اسان افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ انتهاپسندي خلاف جنگ وڙهندا رهنداسين، ان لاءِ ضروري ناهي ته اسان زميني جنگ وڙهون، اسان وٽ اهڙي صلاحيت آهي جنهن جي ذريعي اسان انتهاپسندن ۽ هدفن کي بنا زميني فوج موڪلڻ جي به نشانو بڻائي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن فوج موڪلڻ جي ضرورت پوي به ته انتهائي گهٽ تعداد ۾ ۽ آمريڪا جڏهن خطي تي پنهنجي گرفت مضبوط رکڻ لاءِ ڪيترن ئي محاذن مثال طور آڪس (آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا) ۽ ڪواڊ (آمريڪا، انڊيا، جاپان ۽ آسٽريليا) جي قيادت ڪري رهيو آهي ته چين به عوامي سطح تي پنهنجي ناراضگي کي اظهار ڪيو آهي.
ڇا انڊيا جو آمريڪا سان فوجي اتحاد ممڪن آهي؟: انڊيا هن وقت تائين پاڻ کي هڪ مضبوط فوجي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي مبينا آمريڪي ڪوششن کان بچائي رکيو آهي، افغانستان تي طالبان جي قبضي ۽ پاڪستان طرفان آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪار کانپوءِ انڊيا ۾ آمريڪي فوجي موجودگي جي ضرورت وڌي رهي آهي، هونئن ته انڊيا جي حڪومت فوجي اڏا ڏيڻ جي ڪنهن به ڳالهه ٻولهه جي فوري ترديد ڪئي آهي ۽ انڊين پرڏيهي وزارت جي ترجمان اريندم باگچي چيو آهي ته انهن صرف ميڊيا کان ئي آمريڪي فوجي اڏا فراهم ڪرڻ واري ڳالهه ٻڌي آهي، باقي دعويٰ ڪئي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ سماعتن دوران ٿيندڙ غور فڪر ان کان ٿورڙو مختلف آهي، جيڪو ميڊيا انٽوني بلنڪن جي رمارڪس بعد رپورٽ ڪيو آهي. انڊيا جا آمريڪا سان فوجي رابطا تازن سالن ۾ وڌيا آهن ۽ هاڻ ٻنهي ڌرين وچ ۾ 3 بنيادي اهميت جا فوجي ٺاهه موجود آهن، انهن ۾ بيسڪ ايڪسچينج اينڊ ڪوآپريشن ايگريمينٽ (بيڪا) لاجسٽڪس ايڪسچينج ميمورينڊم آف ايگريمينٽ (ليموا) ۽ ڪميونيڪيشنز ڪيپيبلٽي اينڊ سيڪيورٽي ايگريمينٽ (ڪوم ڪاسا) شامل آهن. پر انڊيا طرفان آمريڪي فوج کي پنهنجا اڏا ڏيڻ ۾ نٽائڻ جي پويان جيڪو اسٽريٽجڪ خودمختياري جو تصور آهي ان جو هڪ تاريخي ۽ گهرو ثقافتي پس منظر آهي، انڊيا جي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قومي سلامتيءَ جي اڳوڻي صلاحڪار شو شنڪر مينن پنهنجي ڪتاب ”چوائسز“ ۾ انڊيا جي پرڏيهي پاليسي جي امڪاني مستقبل جو خلاصو پيش ڪيو هو، سندس تبصرو اهو آهي ته انڊيا پنهنجي اسٽريٽجڪ خودمختياري مضبوط ڪرڻ، پرزور انداز ۾ آزاد رهڻ ۽ پنهنجي بي مثال اسٽيٽس ۽ مفادن تي قائل رهڻ جي ڪوشش ڪندو.
ڇا آڪس سان انڊيا ۽ ڪواڊ لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون؟: تازو ئي آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا وچ ۾ طئه ٿيل فوجي ٺاهه آڪس ڪيترن ئي مبصرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ان نئين اتحاد جنهن تحت آسٽريليا کي برطانيا ۽ آمريڪا کان ائٽمي آبدوز ملنديون، ان سان ڪواڊ گروپ جي اهميت گهٽجي ويندي، انڊين پرڏيهي معاملن جي صحافي سهاسني حيدر ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪواڊ گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي پر آڪس جي اعلان ڪواڊ کان هڪ طرح سان اهميت ۽ ڪجهه حد تائين سيڪيورٽي چمڪ به کسي ورتي آهي، اهڙي طرح اسٽريٽجڪ معاملن جي ماهر نتن پائي آڪس کي ڪواڊ کان وڌيڪ مضبوط اتحادي تعلق قرار ڏنو آهي، هن اهو به چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جو سوال آهي ته آڪس ۾ انڊيا ۽ جاپان به شامل ٿي سگهن ٿا يا نه پر ان مطابق جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي؟ ۽ جتي آڪس ۽ ڪواڊ جو گڏيل مقصد چين بابت سڌي ريت ڳالهائڻ کانسواءِ به چين کي منهن ڏيڻ ٿي سگهي ٿو پر اهو ڪم ڪيئن ڪندا ان تي شايد اتفاق پيدا ٿي سگهي، پر اهو انڊيا لاءِ پنهنجي اسٽريٽجڪ خودمختياري برقرار رکڻ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو. پر ٻئي طرف اڳوڻي سفارتڪار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي ماهر ڪي سي سنگهه ٻڌايو ته انڊيا آمريڪي اتحادي يا ڪنهن ٻئي فوجي اتحاد جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪواڊ گروپ بابت ڪي سي سنگهه چوي ٿو ته بنيادي طور تي اهو چار جمهوريتن جو سافٽ پاور آهي جيڪو وڌي چين کي ڊيڄاري سگهي ٿو، ڇو ته چين نه رڳو اسلحي کان ڊڄي ٿو پر هو جمهوريت جي تصور کان به ڊنل آهي. ٽائمز آف انڊيا جي ڊپلوميٽڪ ايڊيٽر اندراني باگچي به اهو لکيو آهي ته ٻنهي گروپن وچ ۾ ڪو تضاد نه آهي، هن لکيو آهي ته آڪس ڪواڊ لاءِ ”بوسٽر شاٽ“ ٿي سگهي ٿو. سندس مطابق جيڪڏهن وڏي راند اها آهي ته چين کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ لاءِ ڪيترن ئي نيٽ ورڪس جو ڄار وڇايو وڃي ته جلد ئي ٻيا گروهه به ٺهندي ڏسي سگهجن ٿا. انڊيا آمريڪا طرفان چين جو پلڙو برابر ڪرڻ لاءِ ڪواڊ گروپ ۾ شموليت ته اختيار ڪري ورتي آهي پر ان سان چين سان ٻطرفي سطح تي منهن ڏيڻ لاءِ سخت چئلينجز به آڏو آهن. اوڀر لداخ ۾ 16 مهينن تائين جاري رهندڙ فوجي تڪرار جو مڪمل حل اڃا به باقي آهي ۽ انڊين ميڊيا جي اطلاع مطابق چين هن خطي ۾ انڊين فوجي مقررين جي جواب ۾ لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول ( ايل اي سي) تي پنهنجي طرف بلندي تي موجود اڳين مورچن ۾ سپاهين لاءِ شيلٽر تيار ڪري رهيو آهي، ان معاملي تي نئين دهلي جي عوامي بيانن ۾ مشڪل سان ڪو ربط ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ وزيراعظم نريندر مودي گذريل سال چيو هو ته چين طرفان ڪا دخل اندازي ناهي ٿي ۽ نه ئي هڪ انچ انڊين زمين تي ان ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي. پر انڊيا جي پرڏيهي وزارت تازو ئي 24 سيپٽمبر تي چيو آهي ته ڊگهي عرصي کان جاري اهو سرحدي تڪرار سرحد تي چين طرفان اشتعال انگيز رويي ۽ زميني صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي هڪ طرفي ڪوششن جو نتيجو آهي. تبصري نگار منوج جوشي لکيو آهي ته مودي چين طرفان ڪنهن دخل اندازي جي ترديد ڪري بيجنگ کي واپسيءَ جو رستو ڏيڻ چاهيو ٿي پر چين مسلسل ۽ علي الاعلان اهو اسرار ڪيو آهي ته انڊيا ئي سموري اشتعال انگيزي ڪري رهيو آهي، انڊيا لاءِ اڳتي موجود ڏکيائين تي ڳالهائيندي جوشي لکيو آهي ته تازي سرحدي تڪرار ۾ چين اهو ملڪ نه پيو لڳي جيڪو ڪنهن سوديبازي جي خواهش ڪندڙ هجي.