104

تبديلي سرڪار جي مخالف ڌر صرف مهانگائي آهي

ليکڪ: محمد خالد ميمڻ

پي ٽي آءِ عرف تبديلي سرڪار جنهن ۾ صرف هڪ ئي چهرو تبديل ٿيل آھي جيڪو عمران خان جي صورت ۾ آھي، باقي سڀ پراڻا ئي چھرا آھن پر جيترو هن تبديلي سرڪار پنهنجي اصل مالڪن کي خوار ڪيو آھي ايترو شايد اڳ ڪڏهن ڪنهن به نه ڪيو آھي، سڀ کان اول ته عمران خان نوازشريف جي حڪومت دوران ڪنٽينر تي بيهي جيڪي بيان ڏنا، جيڪي تقريرون ڪيون ۽ اليڪشن دوران عوام سان جيڪي واعدا ۽ اقرار ڪيا، انهن سڀني تان مڪمل طور ڦري ويو آھي، واعدن ۽ اقرارن تان سياستدانن جو هميشھ کان ئي ڦرڻ سندن شيوو رهيو آھي پر تبديلي سرڪار پنهنجي هن مهل تائين وارن ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ سڀني واعدن ۽ اقرارن تان ڦرڻ کانسواءِ هاڻي عوام کان سک سان جيئڻ ته پري رهيو، تڪليفن پريشانين سان گڏ جيئڻ جو به حق کسي ورتو آھي، هر مهيني ۾ ٻه ڀيرا پيٽرول جي قيمتن ۾ ردوبدل عوام جو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو آھي، هر پندرهين ڏينهن بري خبر ميڊيا جي زينت لڳي پئي آھي، پيٽرول 60 کان 130 رپيا في لٽر، جڏهن ته ڊالر پنهنجي بلند ترين سطح 174 رپين تي پهچڻ جي ڪري مهانگائي پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آھي، مهانگائي جي ڪري ڪيترا ئي ڪارخانا بند ٿي ويا آھن، ڪيترائي مڇي ماني وارا خاندان پنڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، روزانو مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ڪيترائي ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، امير امير تر جڏهن ته غريب غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن هن حڪومت جو خاتمو ٿيو ته ان مهانگائي جي ڪري ئي ٿيندو، ڇو ته مخالف ڌر جو ڪوبه وجود ڪونه آھي، هن حڪومت جي مخالف ڌر اها ئي مهانگائي آھي ۽ مهانگائي جي هوندي ٻي مخالف ڌر جي ضرورت به ناهي، اڳي پوءِ اها ئي مهانگائي هن حڪومت جو سر وڃائيندي، ڇاڪاڻ ته خود مخالف ڌر ٻن حصن ۾ ورهايل آھي، پيپلز پارٽي مخالف ڌر کان الڳ پنهنجي سياست ڪري پئي، ٻيو ته سندس پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، رڳو اهو ئي نه پر 13 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار تي آهي، ان ڪري ان لاءِ اقتدار ڇڏڻ آسان نه آهي، نه رڳو ايترو پر 13 سالن کان مسلسل حڪومت جي باوجود سنڌ ۾ ڊليور ڪرڻ وارو سوال پڻ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ هتي جي ادارن جي صورتحال به ايتري بهتر نه اهي، ان ڪري پيپلزپارٽي تي به سنڌ اندر تنقيد ٿي رهي آهي، ان ڪري انهن سمورن مسئلن جي هوندي پيپلزپارٽيءَ جو اقتدار کان الڳ ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي ۽ نواز ليگ به پنهنجي بيانيي جي ڪري ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهايل آهي، نواز ليگ جي قيادت جي تڪرار سبب هاڻ ته سڀ ڳالهيون منظرعام تي اچي رهيون آهن، ميان نواز شريف ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ميان شهباز شريف وچ ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن، اهو ئي سبب آهي جو پارٽي جي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شهباز شريف ۽ سندس پٽ شرڪت نه پيا ڪن، جڏهن ته مريم نواز ڄڻ ته هڪ الڳ ڌڙي جي اڳواڻي ڪري رهي آهي ۽ هوءَ پاڻ به هاڻ اختلافن وارين ڳالهين جي ترديد بدران تصديق ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته پارٽي اندر ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڊڄن ٿا ۽ نواز شريف جي بيانيي بدران وچولو رستو وٺڻ چاهين ٿا، اهڙي صورتحال ۾ نواز ليگ کان به مخالف ڌر جي پليٽ فارم تي ڪنهن وڏي جدوجهد هلائڻ جي اميد انتهائي گهٽجي وئي آهي، هڪ پارٽي جيڪا پنهنجي ذات  ۽ پنهنجي قيادت جي اندر ئي تضادن جو شڪار هجي، اها عوام کي ڇا ڏئي سگهي ٿي؟ نه رڳو ايترو پر ان کي وفاقي حڪومت مختلف طريقن سان سوڙهو به ڪري ڇڏيو آهي، مثال طور نيب، ايف آئي اي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ سميت کين انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، انڪري هن حڪومت جي مخالف ڌر جو وجود بلڪل به نه آھي، بس اها مهانگائي ئي هن تبديلي سرڪار جي اپوزيشن آھي ۽ عروج تي پهتل مهانگائي ئي هن حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ڪافي آھي، ايتري مهانگائي ٿيڻ باوجود تبديلي سرڪار جا وزير مشير چون پيا ته ٻين ملڪن ۾ تيل اسان کان به مهانگو آھي ۽ هتي سستو آھي ڇا هي وزير مشير عوام کي بيوقوف پيا سمجهن؟پر هنن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته عوام کي سڀ خبر آھي ۽ هن دؤر ۾ انفارميشن ايتري ته تيز ٿي چڪي آھي جو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو به واقعو ٿئي ٿو ته ڪجهھ منٽن جي اندر ئي سڄي دنيا کي خبر پئجي ٿي وڃي، انڪري عوام کي سڀ خبر آھي ته اسان کان الڳ ٿيل بنگلاديش به اسان کان ترقي ڪري چڪو آھي پر اسان اڃاتائين ٻين کان امداد وٺي پيا، ملڪ هلايو، عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ٻيا ملڪ اسان کان بهتر نموني عوام کي سهولتون ڏين پيا ۽ هڪ ڏينهن اهو ئي عوام اٿندو ۽ عوام دشمن تبديلي سرڪار کان مهانگائي ۽ بيروزگاري جو ووٽ وسيلي بدلو ضرور وٺندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو