91

ووٽنگ مشين معيشت تي بار

ليکڪ: رياض ابڙو 

هيل ووٽنگ مشين واري ڳوٽ هنن جي هٿ وس ان ڪري به ناهي جو اها هڪ خودمختيار اداري جي صوابديد آهي، ڇو ته ڪير به ان اداري کي ڊڪٽيٽ ڪري ۽ ڊيڄاري نه ٿو سگهي، اليڪشن ڪميشن جي مرضي آهي، ايوان هن تي پنهنجي مرضي نه ٿو هلائي سگهي، جيئن فارين فنڊنگ جا ڪيس به اليڪشن ڪميشن وٽ ڦاٿا پيا آهن، جن جي حڪم جي انحرافي ڪندي پي ٽي آءِ ٻين ملڪن جي ماڻهن، آرگنائيزيشنن، ادارن ۽ حڪومتن کان چندا گڏ ڪيا جيڪي به اليڪشن ايڪٽ 1975، 2002 ۽ 2017ع جي ڀڃڪڙي آهن، حڪمرانن جي ذهن ۾ اهو نه ٿو اچي ته تعليمي نصاب هڪجهڙو ڪيون پر اهو ضرور ٿو اچي ته ماڻهن کان ٻوليون کسيون، ميڊيم هڪ ڪيون، مشڪل سان 6 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي 22 ڪروڙ عوام جي مٿان ٿاڦيو ويٺا آهن، پر اها ڳالهھ هنن جي سمجهھ کان مٿي آهي، ته غريبن لاءِ روزگار جا در کولين ها، ڪجهھ مهانگائي گهٽ ڪن ها، هڪ رپيو پيٽرول جو گھٽائي پنج رپيا وڌائي ٿا ڇڏين، هاڻي وري 37 سيڪڙو گئس جا اگهھ ٿا وڌائين، ائين ته عوام جي چيلھه چٻي ٿي پوندي، پوءِ اتي انهن کي ڪا معيشت جي اٽڪل بازي نه ٿي اچي پر هنن جي دماغ ۾ اهو ضرور ٿو اچي ته اهڙيون اٽڪلون ڪيون جو آئين، آرٽيڪل ۽ شقن جون شڪليون ڦيرائي وٺن، انهن اليڪٽرانڪ اٽڪلن جي ڪري زبردست رگنگ ڪري سگهون جو عوام انهن اٽڪلن ۽ حرفتن کي سالن صدين تائين ڳولهيندو رهجي وڃي ۽ هي وري ٻيو دفعو به ڪرسيءَ تي چڙهي ويهن، معنيٰ عوام هن دفعي هنن جي نئين ووٽنگ مشن مان به ائين ڦاسي جيئن هنن جي نئين پاڪستان جي نعري مان اڙجي ويو آهي، وري هيءَ ووٽنگ مشين ايتري ته مهانگي آهي، پر جيڪڏهن حڪمران اليڪشن ايڪٽ 2017 ع وارو ترميمي بل پاس ڪرائي ويا ته پوءِ هنن مان جند ڇڏائڻ مشڪل هوندو، پوءِ اهي ايندڙ اليڪشن به کٽي ويندا، پر اهڙي مهانگي ترين ووٽنگ مشين جو ملھه ڪٿڻ ۽ بجيٽ ۾ ثابت ڪرڻ به مشڪل هوندو جو ملڪ جو ذري گھٽ ڏيوالو ٿو نڪري، هڪ ڪاٿي موجب ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ کي هڪ لک کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون درڪار هونديون (ايندڙ 2023 وارين چونڊن ۾) ڇو ته گذريل اليڪشن ۾ 85 هزار پولنگ اسٽيشن ٺاهي تيار ڪيون ويون هيون، وري هاڻي جي هن مشين جو استعمال به ڪيو ويو ته هڪ مشين تقريبن هڪ لک کان مٿي جو خرچ کائي ويندي، جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي گھٽ ۾ گھٽ چار پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا ته اهي 4 لکن کان مٿي مشينون تيار ڪرائي لڳايون وينديون ۽ وري بيڪ اپ مشينون الڳ جي خدانا خواستا ڪا مشين خراب به ٿي پئي ته ان جو بيڪ اپ هجڻ اشد ضروري هوندو، نه ته چونڊن جي رفتار، شفافيت ۽ ايمانداريءَ ۾ شديد رخنو پوندو، وري ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان کي اهو ٺيڪو مليو ته پوءِ مڙئي سڙئي ليکي ۾ اهو خرچ بنا ٽرانسپورٽيشن، لاجسٽڪٽس جي گهرج، اسٽوريج جي جاءِ، اسٽاف جي ٽريننگ ۽ گهربل پگهارون ۽ سيڪيورٽي جي خرچن بنا 4 ارب رپيا بيهندو، پر جي اهو سڀ خرچ ٻڌجي ته اها لاڳت 50 کان 60 ارب روپيا وڃي بيهندي، پر ان جي ڀيٽ ۾ گذريل انڌي منڊي اليڪشن ۾ حڪومت سڀ ملائي 28 ارب رپيا مس خرچ ڪيا هئا ۽ وري 2013 جي عام چونڊن ۾ اهو خرچ 4.7 بلين تائين هيو، ۽ 2008 واري اليڪشن ۾ اها چونڊن جي لاڳت 1.8 بلين رپيا هئي، پر جي انهن سڀني يا رڳو آخري ٽن چونڊن جو خرچ ڪٿجي ته به هن هڪ ووٽنگ مشين کان گهٽ بيهندو، يا هن مشين جو رڳو خرچ انهن ماضيءَ ۾ سڀني ٿيل چونڊن کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو، اها ٻي ڳالهھ ته هر ڀيري وانگر صدر صاحب به پنهنجي آرڊيننس جو استعمال ڪندي پوئين سال هن مشين جي لاءِ پئسن جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي، پر حڪومت جي اها دعويٰ هنن جي پهرين نعري وانگي هوندي ته هيل هي نئون پاڪستان ٺاهيندا، ان ڪري هن مشين جي بهاني به هنن وٽ مشيني رگنگ ڪرڻ جا هزار بهانا هوندا (اسان انهن جي ايمان ۽ نيت تي شڪ نه ٿا ڪيون پر اها پريڪٽس ڀارت، بنگلاديش ۽ يورپ جي ملڪن ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ ٿي چڪي آهي) جو هي اليڪشن جي نتيجن کي به ڦيرائي ۽ گهمائي سگهن ٿا، اها ٻي ڳالهھ ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 37 اهڙيون ته پوانئٽون اٿاريون آهن جيڪي زبردست ٽيڪنيڪل آهن، جن جي جواب ۾ هنن جي وزيرن وٽ رڳو اهو جواب آهي ته ”اهڙي آفيس کي تيلي ڏئي ڇڏجي“جيتوڻيڪ هي اهڙي ووٽنگ مشين ملتان واري ننڊي چونڊ ۾ استعمال به ڪري چڪا آهن جنهن جو نتيجو هنن سڀني جي سامهون رکو ته هن مشين تي يقين ڪامل نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ان ۾ نيٽورڪ، وائرس، فلپنگ، ڊيٽا چوري ٿيڻ، ڊيٽا ڪرپٽ ٿيڻ، نيٽورڪ فيل ٿيڻ، ڊيٽا ڊليٽ ٿيڻ کان وٺي اهڙيون 37 اڻ ڳڻيون پوائنٽون آهن جيڪي هنن غريب الحال وزيرن ۽ مشيرن جي سمجهھ سڳوريءَ کان زور آهن، وري حيرت اها به آهي ته هنن جي ناڻي واري وزير کي نه صنعتن جي ڄاڻ، نه ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي خبرچار، نه اها سُڌِ ته ماڻهن جي في ڪس آمدني ڪيئن وڌائجي، جي ڊي پيءَ جا ڪهڙا موثر انڊيڪيٽر آهن، وري مونجهارو اهو به آهي ته صدر جو آرڊيننس 100 ڏينهن مس هلندو آهي ۽ ان کانپوءِ ايڪسپائر ٿي ويندو آهي ۽ صدر وري ٻيهر وري ساڳي اشوءَ تي آرڊيننس جاري ناهي ڪري سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو