102

پيٽرول بم جو نئون ڌماڪو ۽ عوام جون نڪتل آهون..

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ نون اگهن کانپوءِ پيٽرول جي في لٽر قيمت 127.30 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 122.04 رپيا ۽ گاسليٽ جي قيمت 99.31 رپيا ٿي وئي آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام کان دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آهن ۽ ملڪ جي هر طبقي اهڙي واڌ کي رد ڪندي ان کي عوام مٿان ظلم قرار ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام تاريخي مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پيٽرول جي اگھن ۾ ويتر  واڌ باهه ڀڙڪائڻ جي برابر آهي،  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم جي اگھن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم جي اگھن ۾ واڌ جو مطلب اٽو، کنڊ ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ آهي. هن چيو ته ظالم حڪمرانن کان مهانگائي جو ظلم ڪرڻ جو اختيار کسڻو پوندو. جماعت اسلامي ۽ اي اين پي به پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اپوزيشن جماعتن پيٽروليم جي اگھن ۾ واڌ تي سخت احتجاج  ڪيو. خواجا آصف چيو ته عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي. ان موقعي تي مخالف ڌر  پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جي معاملي تي بحث جي اجازت نه ملڻ تي هٿن ۾ بينر کڻي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪري ورتو ۽ واڪ آئوٽ ڪيو،  جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ ۾ پڻ پيٽروليم جي اگهن واري معاملي تي احتجاج ڪيو ويو. سينيٽر رضا رباني چيو ته غريبن جي ته چلهه به وسامي رهي آهي، حڪومت سعودي عرب سان تيل جي اگهن بابت جيڪو معاهدو ڪيو هو سو ڪيڏانهن ويو. وفاقي حڪومت هاڻ پيٽروليم مصنوعات، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ پنهنجي حڪومتي ذميوارين جو اهم فريضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر 15 هين ڏينهن، مهيني يا ڏيڍ مهيني کانپوءِ اهو ڪم ايمان جو حصو سمجهي ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت جهڙي ايمانداري سان مهانگائي وڌائي رهي آهي ته لڳي ٿو ته ڄڻ ان اقتدار حاصل ئي ان ڪري ڪيو هو ته جيئن عوام مٿان مهانگائي فرض ادا ڪري سگهي، مهانگائي جو بار ته عوام هاڻ کڻڻ کان وڏو آهي پر ان کان وڌيڪ ظلم اهو آهي ته وفاقي وزير اهڙا اگهه وڌائڻ کانپوءِ وري عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين ٿا ۽ اهو چون ٿا ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جا اگهه اڃا به وڌيڪ آهن ۽ حڪومت اڃا گهٽ اگهه وڌايا آهن ته خدا جا بندا هاڻ رحم ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ هڪڙو ئي ڀيرو اوهان کي جيترا به اگهه وڌايو ته جيئن عوام کي بار بار اوهان جي عذابن ۾ مرڻو نه پوي،  ظلم اهو آهي ته حڪومتي مشير ۽ وزير خطي جي جن ملڪن جا مثال ڏين ٿا، انهن جو سڪو ۽ معيشت ٻئي اسان کان مضبوط آهن، اڳ جنهن ٽڪي کي اسان انتهائي گهٽ حيثيت ڏيندا هئاسين ۽ ڪنهن به ڪريل ماڻهو لاءِ اهو چوندا هئاسين ته هي ٽڪي جو ماڻهو آهي، ان ٽڪي به ترقي ڪري پاڪستاني رپئي کان پنهنجو اگهه ۽ معيار وڌيڪ بهتر ڪيو آهي، هنن حڪمرانن نه معيشت سڌاري، نه ڊالر جي اگهه جي اڏام روڪي سگهيا، نه مهانگائي روڪي سگهن ٿا ته پوءِ نيٺ هي ڪهڙي حڪومت ڪري رهيا آهن، عوام هاڻ اهو چوڻ آهي ته مجبور آهي اوهان کان اقتدار سنڀاليو نٿو ٿئي ته هٿ ڪڍي وڃو، اهو ئي اوهان لاءِ بهتر هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو