116

اي پي ايس تي حملو ڪندڙن جو ڪيس الڳ آهي، بلوچن سميت هٿيار ڦٽي ڪندڙن سان ڳالهائينداسين: شيخ رشيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اي پي ايس تي حملو ڪندڙن جو ڪيس الڳ آهي، بلوچن سميت هٿيار ڦٽي ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،  ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسانکي سٺي ۽ خراب هجڻ جو چڱي نموني پتو آهي، بلوچ عسڪريت پسندن سا به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، دهشتگردي ختم ڪنداسين،  ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان ڳالهيون جاري آهن، هن چيو ته ڳالهيون ئي اڳيان وڌڻ جو واحد رستو آهي، امن جي لاءِ ڳالهين تي يقين رکو ٿا، نتيجن جو اڃا تائين ڪو به علم ناهي، افغانستان جي سرزمين تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، طالبان هٿيار ڦٽي ڪن ته انهن کي معافي ملي سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو