117

ملڪ ۾ نوجوانن لاءِ نوڪريون ۽ معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي: زرتاج گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته عورتن جي برابري وارن حقن کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ نوجوانن لاءِ نوڪرين ۽ معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ زرتاج گل چيو ته ملڪ جي سرسبز ايراضي ۾ اضافو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن سوڌو سمورا اسٽيڪ هولڊرز 10 ارب وڻڪاري پروگرام جي دائري کي وڌائڻ ۽ اضافي نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. زرتاج گل چيو ته حڪومت هڪ ارب وڻن جو هدف ڪاميابي سان ماڻي ورتو آهي. باقي 9 ارب ٻوٽا لڳئڻ جو هدف به جلد حاصل ڪنداسين. هن وضاحت ڪئي ته زيتون جي وڻن جي ڪٽائي ضروري آهي ۽ ڏهه بلين سونامي وڻن ۾ غذائي اهميت جي ڏهه سيڪڙو ٻوٽن کي ڪٽڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ان منصوبي ۾ ميويدار وڻن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستان تي تمام وڏو معاشي اثر پيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته زيتون جي پوکي جو منصوبو مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته گرين جابس ۾ عورتن کي 15 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، سڄي ملڪ ۾ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت اٽڪل 0.2 ملين وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون. زرتاج گل چيو ته سبز ٻيلن کي وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن آبهوا کي تبديل ڪندڙ گرمي پد کي گهٽائي سگهجي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو