115

هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضائيه جي افغانستان ۾ پنجشير تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي نقاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پاڪستان ايئر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو