127

گٽڪا، مين پڙي جهڙي لعنت کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي: ڊي آءِ جي حيدرآباد

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي حيدر آباد رينج شرجيل کرل چيو آهي ته اسان ماڻهن ۾ گٽڪا، مين پڙي جهڙي لعنت کي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سڌوزئي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پوليس ڀرپور ڪارروائي ڪري رهي آهي، جيڪا ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. اها ڳالهه هن ڊسٽرڪٽ پوليس حيدرآباد ريجنل پوليس حيدرآباد زيڊ اي فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان هڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسان کي شهرين کي ڪينسر جهڙي موذي مرض کان بچائڻو آهي. هن مڪروه ڪاروبار ۾ ملوث ڌرين کي ظاهر ڪرڻو آهي ته جيئن شهري ان سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپي کان پاسو ڪن، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڊيلرن جي گرفتاري پڻ ٿي چڪي آهي ۽ اهو سلسلو جاري آهي. سيمينار ۾ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سڌوزئي، ايم ايس پوليس اسپتال ڊاڪٽر ضيا، چيئرمين زيڊ اي فائونڊيشن اعظم چوهاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو