اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جلد يا دير آمريڪا کي طالبان حڪومت تسليم ڪرڻي ئي پوندي. پنهنجي ناڪامي تي اسان کي قرباني جو ٻڪر ڪرڻ تڪليف ڏيندڙ آهي. اهڙو اظهار هن ترڪي جي ٽي وي چئنل ٽي آر ٽي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ جي ڪري ڏنل قربانين تي اسان کي ساراهيو وڃي ها پر پنهنجي غلطين کي لڪائڻ جي لاءِ اسان کي قرباني جو ٻڪرو ڪري پيش ڪرڻ اسان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي. عالمي برادري ۽ پاڪستان پاران طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اسان افغانستان جي سمورن پاڙيسرين سان مشاورت ڪنداسين ته ڪڏهن طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي ڇو ته جيڪڏهن پاڪستان اڪيلو طالبان کي تسليم ڪري به وٺي ته ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، آمريڪا، يورپ، چين ۽ روس به انهن جي حڪومت کي تسليم ڪن. جڏهن ته سمورا پاڙيسري ملڪ گڏجي هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا ته ڪڏهن طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻو آهي ته پاڪستان سڀني جي مشاورت سان ايئن ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها هڪ مشڪل صورتحال نه آهي ڇو ته جيستائين طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته ان وقت تائين افغانستان حڪومت جي پرڏيهه ۾ موجود ملڪيت استعمال نه ٿي سگهندي جيڪو سڀ کان وڏو سوال آهي. آمريڪا انهن کي ڪڏهن تسليم ڪري ٿو ۽ ڇا آمريڪا طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪري وٺندو؟ جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته جلد يا دير آمريڪا کي طالبان حڪومت تسليم ڪرڻي ئي پوندي. آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي ڪابل مان انخلا تي اسان ڊنل هئاسين ته ڪابل تي قبضو ڪرڻ وقت اتي رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي پر ان امڪان جي ابتڙ اختيارن جي منتقلي پر امن نموني سان ٿي. هن وقت سينيٽ، ميڊيا ۽ پورو آمريڪا ٻڏ تر ۾ آهي ڇو ته 20 سالن کان پوءِ طالبان جي حڪومت ٻيهر اچڻ سان آمريڪي سخت حيرت جو شڪار آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهي قرباني جو ٻڪر ڳولهڻ ۾ لڳل آهن. هن چيو ته آمريڪا جي نڪرڻ وقت ڪابل ايئرپورٽ تي پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري آمريڪي صدر تي تنقيد ٿي رهي آهي آئون سمجهان ٿو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن کي نشانو ڪرڻ ناانصافي آهي ڇو ته هو ان کان سواءِ ڇا پئي ڪري سگهيو. موجوده صورتحال کان سواءِ انهن وٽ ڪو ٻيو رستو نه هو، آمريڪا جڏهن به نڪري ها جيڪڏهن ان کان ٻه هفتا اڳ افغان فوج هٿيار ڦٽا ڪري ها ۽ افغان صدر ملڪ مان ڀڄي وڃي ها تڏهن به اهو ئي ڪجهه ٿيڻو هو ،جيڪو صدر بائيڊن ۽ عالمي برادري جي لاءِ به حيران ڪندڙ آهي. آمريڪي صدر کي نشانو ڪرڻ ناانصافي آهي ۽ هو پنهنجي پريشاني لڪائڻ جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو ڳولهي رهيا آهن ۽ بدقسمتي اها آهي ته اهي پاڪستان جي حوالي سان منطقي ذهنيت سان نه سوچي رهيا آهن. عمران خان چيو ته 2010ع ۾ آرمي چيف جنرل ڪياني صدر اوباما سان ملاقات جي لاءِ آمريڪا ويو ته هن بارڪ اوباما کي سمجهايو ته افغانستان ۾ جنگي حل نه نڪرندو ۽ انهن کي ٻڌايو ته جيئن ئي توهان افغانستان مان نڪرندا، افغان فوج هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي. جنرل ڪياني انهن کي ٻڌايو ته توهان گند ڇڏي نڪري ويندا ۽ اسان کي پاڪستان ۾ نتيجا ڀوڳڻا پوندا.پر انهن کي اها ڳالهه سمجهه ئي نه آئي. وزيراعظم چيو ته مون کي منهنجي موقف جي ڪري “طالبان خان“ چيو ويو، جيڪڏهن آئون افغانستان ۾ جنگي حل سان متفق نه هئس ته ڇا آئون طالبان جو حامي هئس؟ آئون ڪنهن به تڪرار جي فوجي حل جو مخالف آهيان. آئون عراق جنگ جو به مخالف هئس ڇو ته جيڪو ڪجهه عراق ۾ ٿيو، جيڪڏهن ان جو بامقصد تجزيو ڪيو وڃي ته مون سدائين فوجي طاقت جي استعمال تي پنهنجي ملڪ تي به اعتراض ڪيو آهي، آئون اوڀر پاڪستان جي معاملي ۾ پڻ فوجي حل جي خلاف هئس. وزيراعظم چيو ته افغان مسئلي کي آئون آمريڪا ۾ موجود ڪنهن به شخص کان وڌيڪ بهتر سمجهندو هئس ۽ انهي جي ڪري ئي مون فوجي حل جي مخالفت ڪئي هئي. جارج بش جي حڪومت ۾ پاڪستان کي سخت رويي سان چيو ويو ته “توهان اسان سان گڏ آهيو يا اسان جي دشمن سان؟“ اهو به چيو ويو ته ”جيڪڏهن توهان اسان جي پاليسين جي حمايت نه ٿا ڪريو ته ان مطلب اهو ٿيندو ته توهان اسان جا دشمن آهيو“ .هن چيو ته اها کل جوڳي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن آمريڪي پاليسين تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ان کي آمريڪا مخالف چيو ويندو آهي، اسان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو، اجتماعي نقصان جي ڪري افغانستان ۾ آمريڪا جي خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري افغانستان جي وڏن نسلي گروهن کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪرائڻ گهري ٿي، پر منهنجي ڪابل ۾ سينيئر افغان اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن جو اهو چوڻ آهي ته اهي ڪنهن به صورت ۾ حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله سميت جيڪي به گذريل حڪومت شامل رهي چڪا آهن انهن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل نه ڪندا. ڇو ته انهن جي حڪومت ۾ طالبان جي تمام گهڻن خاندانن نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته هڪ شموليتي حڪومت جو مطلب آهي ته هڪ مستحڪم افغانستان. مستحڪم افغانستان جو مطلب آهي ته جنهن ۾ سڀني کي نمائندگي ملي، پر طالبان چون ٿا ته عمران خان هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ دٻاءُ وجهي افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ان حوالي سان وضاحت ڪندي وزيراعظم چيو ته پهرين ڳالهه ته افغانستان جي خيرخواهه جي حيثيت سان اسان چاهينداسين ته اهي مستحڪم ٿين ۽ اتي هڪ شموليتي حڪومت قائم ٿئي. هاڻي اها شموليتي حڪومت ڪهڙي هجڻ گهرجي ان بابت طالبان تي دٻاءُ نه وجهڻ گهرجي ڇو ته اها مداخلت ٿيندي، جيڪڏهن توهان انهن کي چئو ته فلاڻي فلاڻي کي لازمي حڪومت ۾ رکو ته اها انهن جي معاملن ۾ مداخلت ٿيندي ۽ آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته اهي ان تي مزاحمت ڪندا، ڇو ته افغان آزاد ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهن، اهو تصور ته انهن کي ٻاهران ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو غلط آهي، ڀلي آمريڪا هجي يا پاڪستان اهو هڪ خيال ٿي سگهي ٿو پر ائين ٿي نه ٿو سگهي. افغانستان جا خيرخواهه هجڻ جي ڪري اسان چاهيون ٿا ته اتي استحڪام ٿئي ۽ سمورين ڌرين تي ٻڌل حڪومت هجي، تاريخ شاهد آهي ته افغانين کي ڪنهن جي تسلط هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي.هن چيو ته هاڻي افغانستان ۾ انساني بحران جو مسئلو آهي ڇو ته افغان حڪومت 70 کان 75 سيڪڙو بجيٽ جي لاءِ پرڏيهي امداد تي ڀاڙيندي رهي آهي هاڻي طالبان جي اچڻ کان پوءِ سمجهيو پيو وڃي ته اها پرڏيهي امداد ختم ٿي ويندي جنهن سان انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته فوري طور تي جيڪڏهن افغانستان کي امداد فراهم نه ٿي ڪئي وڃي ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته اتي افراتفري پيدا ٿيندي ۽ انساني بحران جنم وٺندو. وزيراعظم عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته انساني همدردي جي بنياد تي انهن جي مدد ڪئي وڃي. عمران خان چيو ته پاڪستان کي آمريڪي ڊرون حملن سان ٿيندڙ نقصان جو ردعمل برداشت ڪرڻو پيو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان جي فوج منظم ۽ تجربيڪار آهي، گذريل 40 ڏينهن ۾ ٽي ٽي پي جي حملن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته اسان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، دنيا ڄاڻي ٿي ته اسان جي انٽيلي جنس ايجنسي دنيا جي بهترين انٽيلي جنس ايجنسي آهي، اسان پراعتماد آهيون ته اسان ٽي ٽي پي کي منهن ڏئي وٺنداسين. هن چيو ته مسئلو اهو آهي ته 2 لک 50 هزار ماڻهو افغانستان مان پاڪستان آيا آهن ۽ اسان کي شڪ آهي ته انهن ۾ ٽي ٽي پي جا ماڻهو به ٿي سگهن ٿا جيڪي افغانستان ۾ قيد هئا ۽ داعش جا ماڻهو به موجود ٿي سگهن ٿا. ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروهن سان امن جي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، ٽي ٽي پي کي بي هٿيار ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ افغان طالبان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته اسان ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهون پر اسان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، اسان بلوچ ويڙهاڪن سان پڻ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ سياسي حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڪشمير مسئلي کي دنيا جي هر فورم تي اجاگر ڪري رهيا آهيون، انساني حقن جي معاملي تي عالمي برادري سڀني سان هڪ جهڙو رويو اختيار ڪري، منهنجو خيال آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ چين جي صدر سان ملاقات ٿيندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن ۽ اهي رڳو پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ سياسي نه پر خانداني پارٽيون آهن.
