برلن/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاميڊي جو بي تاج بادشاهه عمر شريف آمريڪا منتقلي دوران جرمني اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سموري پاڪستاني قوم غم ۾ ورتل مڙهه اڱاري ڏهاڙي ڪراچي آندو ويندو، رپورٽ موجب ليجينڊري اداڪار عمر شريف کي علاج جي لاءِ ايئير ايمولينس ۾ آمريڪا منتقل ڪرڻ جي دوران رستي ۾ سندس طبعيت خراب ٿي پئي جنهن ڪري کيس جرمني جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، دل ۾ تڪليف گهڻي وڌڻ جي ڪري گذريل ڏهاڙي صبح جو دم ڏنو، عمر شريف کي آمريڪا جي جارج واشنگٽن اسپتال منتقل ڪرڻو هو، اتي علاج لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، اداڪار، مصنف، هدايتڪار ۽ ڪاميڊي جي بي تاج بادشاهه عمر شريف جي لاڏاڻي تي سموري قوم سان گڏ شوبز سان لاڳاپيل هر ماڻهو جي اک آلي آهي، هوڏانهن صدر عارف علوي، وزير اعظم عمران خان، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو، مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف، گونر عمران اسماعيل، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين سياستدانن سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
ڪراچي : سپر اسٽار عمر شريف 19 اپريل 1955 ۾ ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ پيدا ٿيو، 14 ورهين جي عمر ۾ اسٽيج تان اداڪاري شروع ڪئي، ڏسندي ڏسندي ڪاميڊي بادشاهه بڻجي ويو، هن ڪاميڊي جو منفرد ٽرينڊ متعارف ڪرايو، عوامي لهجي، انداز ۽ روزانو جي واقعن کي مزاحيه تجزئي ۾ شامل ڪيو، مقبوليت جو وڏو سبب اسٽيج ڊراما هئا، ٽي وي ۽ فلمن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو.
ڪراچي : سپر اسٽار اداڪار عمر شريف جي خواهش تحت عبدالله شاهه غازي مزار احاطي ۾ تدفين جا انتظام ڪيا ويا آهن، اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت عبدالله شاهه غازي مزار جي احاطي ۾ تدفين جا سمورا انتظام ڪري رهي آهي،عمر شريف جي پٽ جواد عمر مزار جي احاطي ۾ تدفين جي درخواست ڪئي هئي،ٻئي طرف وارثن موجب مڙهه جرمني مان سڀاڻي سومر ڏهاڙي منتقل ٿيندو، اڱاري ڏهاڙي ڪراچي آندو ويندو.