99

سي اين جي في ڪلو جي اگهه ۾ 15 روپيا واڌ، ايل پي جي جي ڊيلرن هڙتال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽرول، ايل پي جي ۽ ايل اين جي کان پوءِ هاڻ سي اين جي به مهانگي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايل پي جي جي ڊيلرن هڙتال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جي صدر غياث پراچا موجب سنڌ ۾ سي اين جي جي اگهه ۾ 15 روپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن سان ان جو نئون اگهه 180 رو پيا ٿي ويو آهي ٻڌايو ويو آهي ته ، ڊالر جو قدر ۽ ايل اين جي جو اگهه وڌڻ سبب سي اين جي مهانگي ٿي آهي. غياث پراجا جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ درآمدي گئس جي قيمت وڌي آهي، سنڌ ۾ درآمدي گئس جو في ڪلو اگهه 15 ۽ پنجاب ۾ 8 روپيا وڌيو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ سيلز ٽئڪس ۽ ڊالر ۾ واڌ سبب ٿي آهي. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جي صدر حڪومت کان فوري طور ٽئڪسن ۾ گهٽتائي جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. ٻي پاسي ايل پي جي جي ڊيلرن هڪ هفتي جي اندر اگهه ۾ گهٽتائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڙتال ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو