92

نواز شريف جي ڪري معاشي بحران آهي، ملڪ جي واڳ ٻارن جي حوالي نٿا ڪري سگهون: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جي ڪري معاشي بحران آهي، ملڪ جي واڳ ٻارن جي حوالي نٿا ڪري سگهون، جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  افغانستان ۾ فوجي نه پر سياسي حل ڏانهن وڃڻ گهرجي، ڳالهين سان ئي جهيڙو ختم ٿيندو آهي، ٻيو ڪو به حل ناهي،دنيا افغانستان جي مسئلي تي عمران خان جي ڳالهه ٻڌي ٿي، ان جنگ ۾ اسان جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته اهو پاڪستان ئي اهيو جنهن آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرايون، رت جو هڪ ڦڙو وهڻ کانسواءِ اقتدار منتقل ٿيو،  جيڪي پاڪستاني ڀٽڪي چڪا آهن ڇو نه اهي بلوچستان ۾ هجن انهن کي رستي تي واپس آڻينداسين آئين مڃيندڙن سان ڳالهيون ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو