129

ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا تي ڳڻتي جو اظهار، پي ايم سي ۽ وفاق ذميوار آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار صوبي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ٻين صوبن جي شاگردن جي داخلا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي جو ذميوار پي ايم سي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته امتحان جي طريقيڪار ۽ ٻين شڪايتن خلاف بار بار خط لکڻ باوجود پي ايم سي وارا پنهنجي ضد تي بيٺل آهن، سنڌ جي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، هاڻي گهڻو ٿي ويو، هڪ آپشن آهي ته سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ الڳ ٽيسٽ ورتي وڃي، سنڌ جي ڪوٽا تي مقامي ڊوميسائيل جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ لاءِ پاسنگ مارڪس جي پرسنٽيج گهٽائي ويندي، پي ايم سي ۽ وفاق وارا ڀلي ناراض ٿين پر اسان مجبور آهيون، اسان جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ ٻين صوبن جا شاگرد پڙهي واپس هليا ويندا ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ پيدا ٿيندي، پنهنجي ٽيسٽ پاڻ وٺڻ لاءِ قانونسازي جو حق به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪالهه سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي وارن کاتن جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني، بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ صحت جي معاملن بابت پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو سان سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي امتحانن تي سموري ملڪ جي شاگرد سراپا احتجاج آهن، پي ايم سي تي پهريان کان ئي اعتراض آهن، جنهن اداري مان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نقصان ڪيو وڃي اھڙي اداري جي ھجڻ جو پوءِ ڪوئي فائدو ناھي، ڪيترائي دفعا خط لکڻ باوجود فيڊريٽنگ يونٽ جي حیثیت سان اسان جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. اسان وٽ ٻه آپشن بچیا آهن، پهريون اسان پنهنجي شاگردن جو ٽيسٽ پاڻ وٺون ۽ ٻيو آپشن اھو تہ سنڌ جي سيٽن تي پرسنٽيج واري شرط کي نرم ڪريون. جيڪڏھن اسان ٻین صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏینداسین تہ اسان جي پنھنجي صوبي جي شاگردن جو نقصان ٿیندو. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ڇنڇر ڏينهن منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ صحت کاتي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته افسوس آهي پي ايم سي مضبوطي جي علامت بڻجڻ بجاءِ هي ادارو ڊاڪٽرز لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيو آھي. پي ايم سي جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل ٽيسٽ تي تنقيد ڪندي صحت کاتي واري صوبائي وزير چيو ته پيپرز کان پوءِ جوابي جي شيٽ نه ڏني وئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان اھي شڪايتون بہ ملیون  ته ڪجهه سوال پهريان کان ئي آئوٽ ڪيا ويا هئا. پنجاب جي سيلبس جي بنياد تي سنڌ جي شاگردن جي لاءِ پيپر ٺاهيو ويو، هاڻي نہ صرف سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ميڊيڪل جا شاگرد احتجاج تي ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ڪرونا صورتحال دوران تعليمي سلسلو متاثر ٿيڻ باوجود ھن سال پاسنگ مارڪس 65 سيڪڙو رکیون ويون، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. سنڌ ۾ پهريان ئي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ هاڻي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي اها خطرناڪ آهي. پرائيويٽ سيڪٽر جون 30 سیڪڙو سيٽون خالي رهجي ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ايم سي طرفان هر دفعي نئين انداز ۾ پيپر ڏنو ويندو آهي انھن ۾ امتحان وٺڻ جي اهليت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ اسان جي ميڊيڪل جي شاگردن کي ديوار سان لڳايو ويو آهي. جيڪڏهن پي ايم سي وٺ امتحان وٺڻ جي صلاحيت ناھي تہ انھن کي ٻارن جي مستقبل سان کيڏڻ جو بہ ڪوئي حق ناهي، جيڪو سيلبس پنجاب ۾ پڙھايو وڃي ٿو اهو سنڌ جي سيلبس کان مختلف آهي. صحت کاتي واري صوبائي وزير چيو ته اسان ڪيترائي دفعا خط لکي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون پر پي ايم سي، ايم ڊي ڪيٽ جي معاملي ۾ پنهنجي تڪراري پاليسي تي بضد آهي. هڪ آرڊيننس تحت پي ايم سي کي زبردستي نافذ ڪيو ويو ۽ فيڊريٽنگ يونٽس کان پڇيو ئي نه ويو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻار احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن جا آواز ايوانن تائين نه ٿا پهچن. هن چيو ته اسين سنڌ جي ٻارن جي آواز ٻڌي رهيا آهيون. صحت کاتي واري صوبائي وزير چيو ته اسان پنهنجي سيٽن تي 30 يا 40 سيڪڙو تحت ٻارن کي داخلا ڏينداسين. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ پنهنجي ڪميشن بڻائيندا سين. اسان ان کان پهريان ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلا جي لاءِ صوبائي سطح تي ٽيسٽ وٺندا رهيا آهيون. اسان جي ميڊيڪل سسٽم ۾ ڪا به خرابي نه آهي. صوبائي وزيرن جو چوڻ هو ته اسان صحت کاتي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون متعارف ڪرايو آهن. ٻين صوبن جا ٻار سنڌ ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد واپس پنهنجي صوبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا جنھن سان مستقبل ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ ۾ صحت جي نظام جو توازن برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويندو. هنن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ داخلا پاليسي ۽ ٻين معاملن ۾ صوبي وٽ پنهنجي قانون سازي جو حق پڻ موجود آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو