پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسيمبلي مان غير اسلامي قانون منظور ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر اسان پرڏيهي طاقتن جي خريد ڪيل ايجنٽن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي. پشاور ۾ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪو قانون ٻيون حڪومتون ختم نه ڪري سگهيون اهو موجوده حڪومت خاص ايجنڊا جي تحت ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو حال اهو آهي جو هنن پنهنجن ويجهن دوستن، پاڙيسري ملڪن کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي. هزارين گهرن جا چلها وسائي ڇڏيا آهن. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪندڙ لکين ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو. مهانگائي تاريخي ٿي چڪي آهي. عوام آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي. پاڪستاني عوام نااهل حڪومت کي ووٽ نه ڏنو آهي. موجوده حڪومت کي چوري جي اليڪشن ذريعي آندو ويو ۽ هاڻ هنن کان مخصوص ايجنڊا تي عمل ڪرايو پيو وڃي. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته ٻاهرين ايجنڊا تي عمل ڪندڙ موجوده سليڪٽڊ حڪمرانن ملڪ جي غريب عوام کان جيئڻ جو حق ڦري ورتو آهي. موجوده حڪومت جي خلاف جيڪو ڪجهه ماضي ۾ چيو هو اڄ هڪ هڪ لفظ صحيح ثابت ٿي رهيو آهي. اسلامي تهذيب کي ختم ڪري مغربي تهذيب مڙهڻ جي لاءِ فحاشي کي هٿي ڏني پئي وڃي. گهريلو تشدد جو بل، مدرسن جي خلاف سازشون ۽ ننڍي عمر ۾ اسلام قبول ڪرڻ تي پابندي، قاديانين جي سرپرستي موجوده حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. فاٽا جي حوالي سان اسان جو موقف صحيح ثابت ٿي رهيو آهي. قبائلين کي سنهري خواب ڏيکاريا ويا. اڄ سمورا قبائلي هنن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اسان قبائلين جي جدوجهد ۾ انهن جو مڪمل ساٿ ڏينداسين. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته پي ڊي ايم کي ناڪام بنائڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي آهي. هي حڪومت جي خلاف ميدان ۾ موجود آهن. پي ڊي ايم مان ويندڙن پي ڊي ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪراچي جي تاريخي جلسي هنن جي ارادن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا مٿان واضح ڪيو آهي ته طالبان سان معاهدي جي روشني ۾ سڀني کان پهرين آمريڪا کي طالبان جي حڪومت کي مڃڻ گهرجي. پاڪستان جي حڪمرانن پاڪستان جي عزت ۽ وقار مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. افغانستان جي باري ۾ پاڪستان جي خاموشي به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. 40 سال جدوجهد ڪندڙن کي اڄ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي. هن وقت دنيا کي افغانستان جي حالتن تي سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا.
