125

دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي: آصف علي زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن جو علاج دهشتگردي جي نرسرين کي ختم ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي، دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگردن کي وطن دشمن سمجهي انهن کي منهن ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو