108

وفاقي حڪومت جون سموريون پاليسيون ناڪام،هڪ سال ۾ 37 ارب ڊالر قرض وڌي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جون سموريون پاليسيون ناڪام،هڪ سال ۾ 37 ارب ڊالر قرض وڌي ويو آهي، ناڻي واري وزارت سالياني مجموعي قرضن جي رپورٽ 21-2020 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  جون 2021 تائين ملڪي مجموعي قرض 253 ارب ڊالر تائين پهتو، گذريل سال اهو 216 ارب ڊالر هو،مقامي قرضن جو ڪل حجم 167 ارب ڊالر تائين پهتو، گذريل سال اهو حجم 138 ارب ڊالر هو،جون 2020 ۾ پرڏيهي قرض جو حجم 38 ارب ڊالر هو جيڪو هاڻي وڌي جون 2021 ۾ 86 ارب ڊالر تائين پهتو،جون 2021 ۾ ملڪي قرض 39 هزار 859 ارب تائين پهتو، جيڪو گذريل سال 36 هزار 399 ارب رپيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو