ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرحوم عمر شريف جو مڙهه سڀاڻي اڱاري ڏهاڙي جرمني کان ڪراچي آيندو ويندو، رپورٽ موجب جرمني جي شهر نيورمبرگ جي ترڪ مسجد ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ اڄ منجهند هڪ وڳي اتان مڙهه روانو ڪيو ويندو، جيڪو سڀاڻي اڱاري ڏهاڙي ڪراچي پهچندو،مفتي تقي عثماني عمر شريف جي جنازي نماز پڙهائڻ جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي،عمر شريف جي گهر زرين غزل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته مرحوم عمر شريف جي جنازي نماز مفتي تقي عثماني پڙهائيندو، وزير اعظم عمران خان ۽ سنڌ حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن ڏکي گهڙي ۾ مدد ڪئي،عمر شريف جي خواهش هئي ته کيس عبدالله شاهه غازي جي احاطي ۾ دفنايو وڃي، سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن اها درخواست قبول ڪئي آهي.
113