134

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عثمان مرزا سميت 3 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوجوان ۽ ناري تي تشدد ۽ غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار  عٽمان مرزا سميت 3 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته ان بابت تفصيلي فيصلو پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي کي حراسان ڪندڙ ٽئين جوابدار ضمانت جا حقدار نه آهن،جنهن وحشتناڪ عمل جو ڊرپ معاشري پئي انهن جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، ايف آءِ ار دير سان ٿيڻ جو جوابدارن کي فائدو ٿي سگهي ٿو، نه ئي وڌيڪ انڪواري جو ڪيس آهي، ڏوهه جا وڊيو ڪلپ موجود آهن، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو