110

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 35 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1656 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب 35 ڄڻا فوت، 1656 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 3.26 سيڪڙو رهي، هوڏانهن   پاڪستاني مسافر کي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ سان گڏ برطانيه سفر جي اجازت ڏني وئي آهي، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 713 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 451 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16071 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 713 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 4.4 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 2 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 7427 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح  1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 6070259 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ 459266 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 451 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 429988 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 93.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 21851 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 21462 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، مختلف اسپتالن ۾ 362 داخل آھن ۽ 27 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 336 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 31 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 713 ڪوويڊ ڪيسن مان 221 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ حيدرآباد ۾ 184، ڪراچي سينٽرل ۾ 61، ڪراچي اوڀر ۾ 51، ڪورنگي ۾ 43، ڪراچي ڏکڻ ۾ 35، سانگھڙ ۾ 26، ٿرپارڪر ۽ قمبر ۾ 25-25، ملير ۾ 23، نوابشاھھ ۾ 21، لاڙڪاڻي ۾ 20، ميرپورخاص ۽ سجاول ۾ 19-19، ٽنڊو محمد خان م 17، ٺٽي ۽ دادو ۾ 15-15، ٽنڊو الھيار ۾ 14، شڪارپور ۾ 13، ڄامشورو ۾ 11، عمرڪوٽ ۾ 9، مٽياري ۽ ڪراچي اولھھ ۾ 8-8، خيروپور ۾ 7، جيڪب آباد، ڪشمور، گھوٽڪي ۽ نوشھروفيروز ۾ ھڪ ھڪ  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو