ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارسا خريف کان پوءِ ربيع ۾ به سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ۽ سعيد غني احتجاج نوٽ ڪرائيندي چيو آهي ته ارسا سنڌ جي زمين بنجر ڪرڻ چاهي ٿي، پاڻي ورڇ ۾ ارسا سنڌ سان مسلسل زيادتيون ڪري رهي آهي، پاڻي معاملي تي پ پ جو احتجاج هلندڙ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته پاڻي جي مسئلي تي پ پ جي احتجاجن باوجود وفاق سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏئي، سنڌ کي وقت سر پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگارن کي نقصان رسي رهيو آهي. هن چيو ته ارسا سنڌ جي زمين بنجر ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سان پاڪستان کي به نقصان ٿيندو، ارسا پاڻي ورڇ 91ع واري معاهدي بدران نئين فارمولا هيٺ چاهي ٿو، ڄام خان شورو چيو ته ارسا کان پوءِ اسان وٽ سي سي آءِ جو فورم آهي، اتي به وياسين پر ازالو نه ٿيو، پ پ جي وفاقي سرڪار گاج ڊيم رٿا شروع ڪئي پر اها رٿا مڪمل نٿي ڪئي وڃي، ارسا چوي ٿي سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏينداسين، جيڪا سنڌ جي آبادگارن سان زيادتي آهي. ڄام خان شورو چيو ته ارسا معاهدي تحت عمل نه ڪري رهي آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي. جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته 1991 جي ٺاهه تحت جهڙي ريت ورهاست ڪرڻي آهي ان طرح سان ڪئي وڃي. اسيمبلي ايڪٽ کي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو آهي ۽ ارسا موجب هو ان تي عمل نه ڪندي. سي سي آءِ هيٺ ڪا به وفاقي حڪومت صوبي جو حق نه ٿي کائي سگهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ارسا سال ۾ ٻه ميٽنگز ڪندو آهي هڪ خريف ۽ ٻي ربيع بابت ويندي آهي. هن چيو ته سنڌ سان پاڻي جي ورهاست ۾ ناانصافي جي ڪري اسان جي ڪپهه ۽ سارين جي پوک تباهه ٿيا آهن ۽ هاڻي جڏهن ڪمند جي فصل کان اڳ اسان کي 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو چيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي هن وقت 14.87 ملين گيلن پاڻي اڪارڊ جي حساب سان ملڻو آهي پر اسان کي ربيع جي فصل جي لاءِ 10.36 ايم ايف پاڻي جو چيو پيو وڃي. ان سان اسان کي گهٽ ۾ گھٽ ساڍا 4 ايم ايف پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي ڪئي پئي وڃي. ڄام خان شورو چيو ته ارسا جو قيام ان معاهدي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو هو ته ننڍن صوبن سان ڪنهن به قسم جي نا انصافي نه ٿئي پر اڄ ارسا ننڍن صوبن کي پاڻي جي ورهاست جي معاهدي تحت نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ جڏهن ارسا جي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندن پاڻي جي ورهاست ۾ نا انصافي تي احتجاج ڪيو ۽ جيڪو نئون فارمولو صوبن جي صلاح کان بغير بڻايو ته اسان ان تي احتجاج ڪيو ته اسان کي چيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويندو پر اسان کي هاڻي معلوم ٿيو آهي ته 5 آڪٽوبر تي جيڪو اجلاس ٿيڻو آهي ان جي ايجنڊا ۾ هي شامل ئي نه ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ارسا اڪارڊ تي عمل نه ڪندو ته پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته 2018 ۾ جڏهن سنڌ ۾ هي معاملو سي سي آءِ ۾ اٿاريو ته ان تي فيصلو ڪرڻ بجاءِ ان تي انور منصور خان جي صدارت هيٺ ڪميٽي ٺاهي ان معاملي کي هن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ ۾ انور منصور خان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ سان سراسر نا انصافي ٿي رهي آهي، جڏهن هي رپورٽ ٻيهر سي سي آءِ ۾ وئي ته وزير اعظم ان کي ٻيهر اٽارني جنرل ڏي موڪلي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ آبادگارن جو نقصان صرف سنڌ صوبي جو نه پر پوري پاڪستان جو نقصان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شوري چيو ته بلوچستان جو ميمبر ارسا جي هٿان استعمال ٿي رهيو آهي، اهو چاهي ٿو ته سنڌ کي 91ع جي ٺاهه موجب پاڻي نه ملي، ارسا سنڌ کي ئي پورو پاڻي نٿي ڏي ته اسان بلوچستان کي ان جو پورو حصو ڪيئن ڏينداسين؟. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن جي ڪجهه دوستن پاران سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست ۾ نا انصافي جو الزام اجايو آهي. هن چيو ته جڏهن پاڻي ئي پورو نه ملندو ته منڍ توڙي پڃڙي ۾ پاڻي جو مسئلو ٿيندو. هن چيو ته پاڻي جڏهن بئراج تي پهچندو آهي ته هن کي خبر نه پوندي آهي ته هن کي ڪنهن وٽ وڃڻو آهي. هن چيو ته وفاق پاڻي اسان کي نه ٿو ڏي ته پوءِ ڪهڙي ريت چوندا ته اسان نا انصافي ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي ته اڪارڊ تحت کوٽ ۾ جهڙي ريت ورهاست ڪرڻي اهڙي ريت ڪن. هڪ ٻئي سوال جي جواب هن چيو ته جڏهن ضرورت کان گهٽ پاڻي اسان کي ملي رهيو آهي ته ٻيو متبادل انتظام ڪيئن ٿيندو، ڇو ته اسان جي زير زمين جو پاڻي مٺو نه آهي. فيڊرل گورنمينٽ جو ڪو هڪ منصوبو ڏيکاري جيڪو هن سنڌ کي ڏنو هجي. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن ارسا اسيمبلي ايڪٽ کي کڻي ڦٽو ڪيو آهي ۽ ارسا موجب هو هن تي عمل نه ڪندي ته اسان وٽ احتجاج کان سواءِ ڪهڙو رستو آهي. هن چيو ته سي سي آءِ هيٺ ڪا به حڪومت صوبي جو حق نه ٿي کائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته بلوچستان جو ميمبر پاڻ ارسا جي هٿان استعمال ٿي رهيو آهي اهو ڪيئن سنڌ تي زيادتي جو الزام لڳائي سگهي ٿو. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ ) ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا آهيون ۽ اهو واحد آئيني ادارو آهي جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ڪري ٺاهيو ته جيئن ڪو به ننڍن صوبن سان نا انصافي نه ڪري سگهي.
