122

نيب چيئرمين جا جوابدار جي گرفتاري وارا اختيار ختم ڪرڻ تي غور،قانون ۾ ترميم ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جا جوابدار جي گرفتاري وارا اختيار ختم ڪرڻ تي غور، نيب قانون ۾ ترميم ٿيندي، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت نيب قانون ۾ ترميم ڪرڻ جي لاءِ جاري ٿيندڙ آرڊيننس کي ايندڙ هفتي تائين حتمي شڪل ڏيندي، ان آرڊيننس سان نيب چيئرمين جي عهدي تي لڳاتار ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي معاملي کي پڻ حل ڪيو ويندو، بيوروڪريٽس، ڪاروباري ماڻهن ۽ سياستدانن سميت ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ وارا نيب چيئرمين جا اختيار ختم ڪيا ويندا، جڏهن ته  وزير اعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر  شهباز شريف سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ نئين نيب چيئرمين جي مقرري يا ساڳي کي رکڻ بابت فيصلو ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو