اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 37 لک ڪٽنبن کي 1400 ارب روپين جا قرض ڏيڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام اڄ کان شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ 14 سئو ارب روپين جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا. ناڻي واري وزير شوڪت ترين ٻڌايو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. هن پروگرام جو افتتاح وزيراعظم عمران خان 4 آڪٽوبر 2021 تي ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي ان پروگرام ۾ 37 لک گهراڻن کي 1400 ارب جا قرض ڏنا ويندا. هن پروگرام جو افتتاح وزيراعظم عمران خان 4 آڪٽوبر 2021 تي ڪندو. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج نڪتا آهن. ڪامياب هاري جي ذريعي هارين کي بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏنا ويندا. ڪامياب ڪاروبار پروگرام جي تحت ڪاروبار جي لاءِ 5 لک روپيه بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏنو ويندو. سستي گهر اسڪيم جي تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان شرطن تي فنانسنگ جي سهوليت پاڪستان جي حڪومت جي ڪاميابي سان جاري آهي. اسڪالر شپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي ان پروگرام ۾ 37 لک گهراڻن کي 1400 ارب روپين جا قرض ڏنا ويندا. هي پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس ذميواري جي عملي تعبير آهي. شوڪت ترين چيو ته هي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن کي معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ کين مالي لحاظ سان بااختيار بنائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي ان جي تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بينڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ جوڙيو ويندو.
109