136

انڊونيشيا جو نوجوان ڪوڪر پريشر سان شادي ڪري ورتي

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي نوجوان کاڌو پچائيندڙ مشين پريشر ڪوڪر سان شادي ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، خير الانعام نالي نوجوان جي پريشر ڪوڪر سان شادي جون تصويرون وائرل ٿيون آهن، تصويرن ۾ نوجوان کي گهوٽ وارو لباس ۽ پريشر ڪوڪر ڪنوار وانگر سينگاريل آهي، جڏهن ته نوجوان تصويرون شيئر ڪندي ڪئپشن ۾ لکيو ته  نه ئي وڌيڪ ڳالهائي ٿو ۽ کاڌو به سٺو پچائي ٿو، تو کانسواءِ سٺا چانور نه پچندا، تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ صارفين حيرانگي جو اظهار ڪندي دلچسپ تبصرا شروع ڪري ڏنا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو