اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳجهي ڪاروبار بابت جانچ جي دنيا جي سڀ کان وڏي رپورٽ جاري ٿي وئي آهي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي دوستن ۽ وزيرن سميت 700 پاڪستانين جون پرڏيهه ۾ لڪل ڪمپنيون ظاهر ٿي پيون آهن. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان انهن شخصيتن جي ملڪيتن بابت جانچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جي اهم شخصيتن جي ڳجهن مالياتي معاملن تي انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) جي هڪ وڏي عالمي تحقيق ”پينڊورا پيپرز“ جي نالي سان جاري ڪئي وئي آهي. پينڊورا پيپرز نالي سان اها جانچ رپورٽ هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل آهي ۽ ان جانچ ۾ دنيا جي 117 ملڪن جي 150 ميڊيا ادارن جي 600 کان وڌيڪ رپورٽرن حصو ورتو. ان رپورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي دوستن ۽ وزيرن سميت 700 پاڪستانين جون پرڏيهه ۾ لڪل ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن. جن ۾ سياسي، ڪاروباري شخصتون توڙي اڳوڻ فوجي آفيسرن ، انهن جي ڪٽنبن جي ڀاتين ۽ ميڊيا جي ادارن جي مالڪن جون ڪمپنيون پڻ شامل آهن. ان رپورٽ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، فيصل واوڊا، مونس الاهي، عليم خان، مريم نواز جي پٽ جنيد، اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار، خسرو بختيار جي ڀاءُ عمر بختيار جون لڪل ڪمپنيون به ظاهر ٿيون آهن. وزيراعظم جي اڳوڻي معاون وقار مسعود جي پٽ، تحريڪ انصاف جي اهم ڊونر ابراج گروپ جي سي اي او عارف نقوي، طارق شفيع، جنگ اخبار جي مالڪ مير شڪيل الرحمان ، ايگزيڪٽ جي شعيب احمد ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو پڻ پينڊورا پيپرز ۾ شامل آهي. انهن کان علاوه ليفٽيننٽ جنرل ( ر) شفاعت الله، ليفٽيننٽ جنرل ( ر) نصرت نعيم، ليفٽيننٽ جنرل ( ر) افضل مظفر جي پٽ ڪرنل (ر) راجا نادر پرويز، جنرل ( ر) خالد مقبول جي ناٺي احسن لطيف ۽ جنرل(ر) علي قلي خان جي ڀيڻ جو نالو پڻ ڳجهون ڪمپنيون رکندڙن ۾ شامل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ ان جي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين جون پڻ 4 آفشور ڪمپنيون نڪري پيون آهن، شوڪت ترين سندس ڪمپنين جي جانچ ڪندڙ صحافين جي عالمي ڪنسورشيم جي موڪليل سوالن جا جواب پڻ نه ڏنا. وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ عمر بختيار 2018 ۾ هڪ آف شور ڪمپنيءَ جي ذريعي لنڊن جي علائقي چيلسيا ۾ پنهنجي ماءُ جي نالي تي هڪ ملين ڊالرز جي ماليت جو اپارٽمينٽ پڻ خريد ڪيو، ان جي ملڪيتن بابت جانچ به هلندڙ آهي. پاڻي جي وسيلن واري اڳوڻي وزير فيصل واوڊا 2012 ۾ برطانيا ۾ سيڙپ ڪندي آف شور ڪمپني قائم ڪئي،جڏهن ته مونس الاهي 2016 ۾ ايشيا سٽي ۾ 33.7 ملين ڊالرز جي سيڙپ ڪئي، اهو ناڻو شگر ملز جي وڪري مان حاصل ٿيل ڄاڻايو هو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز ۾شامل پاڪستانين بابت جانچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان لکيو ته غيرقانوني طريقي سان ناڻو گڏ ڪري لڪائيندڙ اشرافيه کي پڌرو ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا. جن به پاڪستانين جا نالا شامل آهن انهن جي جانچ ڪرائينداسين، ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ڪارروائي ڪنداسين. هن وڌيڪ لکيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپپنيءَ وانگر ئي اسرندڙ ملڪن جي اشرافيه پنهنجي ملڪ جو ناڻو ڦٻائي پرڏيهه کڻي وڃي ٿي. عالمي برادريءَ کان مطالبو ٿو ڪريان ته اها هن ناانصافيءَ جي خلاف پڻ پنهنجو آواز اٿاري.
124