ليکڪ: وڪٽوريا گل
سمنڊ جي گهرائين ۾ پنج سالن تائين جاري رهندڙ هڪ تحقيق جي نتيجي ۾ سائنسدانن کي جاندارن جي 12 نون قسمن جو پتو پيو آهي، ان کانسواءِ انهن لهرن بابت اهم معلومات حاصل ٿي آهي ته هو ڪهڙي طرح موسمياتي تبديلين سان متاثر ٿي رهيون آهن، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سامونڊي ڪائي، مولسڪس يا ريڙهه جي هڏي کان بنا ريڙهيون پائيندڙ ننڍا جاندار جيئن گهونگي ۽ سيپيون وغيره ۽ مرجان هينئر تائين ان جي نظرن کان لڪل رهيا آهن، ڇو ته سامونڊي گهرائي ۾ هينئر تائين تحقيق لاءِ سائنسدان ايتري گهرائي ۾ نه وڃي سگهيا آهن، تحقيق ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته نون دريافت ٿيل قسمن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي موسمياتي تبديلي سبب اڳ ئي ختم ٿيڻ جي خطري جي ويجهو آهن، سمنڊ جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪرڻ واري عمل سبب ان ۾ تيزابيت پيدا ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب سامونڊي چوٽيون خاص ڪري گهري سمنڊ ۾ ڪائي ۽ مرجان ڪٽجڻ شروع ٿي وڃن ٿيون، ان ريسرچ ۾ شامل سائنسدانن جو اصرار آهي ته اڃا به انهن نون قسمن کي ۽ ان ماحول کي جنهن ۾ اهي رهن ٿا انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گهڻي دير نه ٿي آهي. محققن کي ان تحقيقي مشن ۾ دريافت ٿيل ڪجهه اهم ڳالهين بابت معلومات ملي آهي، جن ۾ جاندارن جي نون قسمن بابت پڻ ڄاڻ ملي آهي، گهري سمنڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 نون قسمن کانسواءِ ان ٽيم 35 اهڙا قسم به دريافت ڪيا آهن جن بابت اڳ ۾ اهو معلوم نه هو ته اهي اهڙين جاين تي به موجود هونديون آهن. موسمياتي تبديلي سبب سمنڊن جو گرم ٿي وڃڻ، انهن ۾ تيزابيت وڌڻ جو خدشو ۽ انهن ۾ خوراڪ جي مقدار ۾ گهٽتائي ٿيڻ جا خطرا اهي سڀ ملي ڪري اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب گهري سمنڊ ۾ رهندڙ قسمن کي 2100 ۾ خوراڪ جي عدم دستيابي جو منهن ڏسڻو پوندو. هائيڊرو ٿرمل روشندان (يعني گهري سمنڊ ۾ گرم پاڻي مان گيسون خارج ٿيڻ جا رستا): سائنسدانن ايزورز ۾ سمنڊ جي تهه ۾ گرم پاڻين جا چشما دريافت ڪيا هئا، هائيڊرو ٿرمل خطا حياتياتي پيداوار لاءِ تمام اهم هوندا آهن ۽ انهن ۾ ئي گهري سمنڊ جي قسمن جون آباديون ٺهنديون آهن. جيئن ته يونيورسٽي آف ليورپول جي سامونڊي ڪيمسٽري جي پروفيسر جارج وولف جيڪو ان تحقيقي منصوبي ۾ شريڪ رهيو چوي ٿو ته اسان اڃا به چئي سگهون ٿا ته اسان وٽ سمنڊ جي تهه جي نسبت ۾ چنڊ ۽ مريخ جي سطحن جا گهڻا تفصيلي نقشا موجود آهن، ان لاءِ توهان جڏهن به گهري سمنڊ ۾ ويندو ته توهان کي نئين ڳالهه معلوم ٿيندي، نه صرف انفرادي حالت ۾ قسم ملندا پر توهان کي انهن جي آبادين وارا شهر به ملندا، يونيورسٽي آف ايڊنبرا جي پروفيسر رابرٽ مري ايٽلانٽس پراجيڪٽ نالي تحقيقي مشن جي قيادت ڪئي، هن ٻڌايو ته انهن پنج سالن جي ڊگهي تحقيق دوران انڪشاف ٿيو ته گهري سمنڊ ۾ ڪجهه مخصوص قسم آهن ۽ اهي اسان لاءِ ڪيتري اهميت رکن ٿا، هو چوي ٿو ته گهري سمنڊ جي تهن ۾ مرجان تي آباد مختلف قسمن جون آباديون مليون جتي گهري سمنڊ ۾ شهرن جا شهر آباد ٿيل آهن، جنهن سبب زندگي قائم رهي ٿي، ان لاءِ خاص مڇيون انهن خطن کي انڊا ڏيڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن، جيڪڏهن سمنڊ هيٺان اهي شهر انساني مداخلت سبب تباهه ٿيڻ شروع ٿي ويا يا انهن کي نقصان پهچڻ شروع ٿيو ته پوءِ مڇين وٽ انڊا ڏيڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي ۽ ان جاءِ جو ماحولياتي نظام ايندڙ نسلن لاءِ ختم ٿي ويندو، ان کي توهان ان طرح سمجهي سگهون ٿا ته گهڻي برسات وارن علائقن جا ٻيلا زمين جي سطح تي ماحولياتي ڇڪتاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ تمام اهم آهي، اهڙي طرح گهري سمنڊ جي زندگي لاءِ اهي تمام اهم آهن، اهي گهڻيون اهم جڳهيون آهن جن کي محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان به وڌيڪ اهو آهي ته اهو سڀ پاڻ ۾ جڙيل آهن، سمنڊ جي ساحلن تي قائم تيرنهن ملڪ ان تحقيقي مشن ۾ شامل هئا، جنهن ۾ سامونڊي فزڪس ۽ ڪيمسٽري سميت بائيولاجيڪل دريافتن کانسواءِ ان تحقيقي مشن جو مقصد اهو هو ته جهڙي طرح دنيا جو گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ انسان سمنڊ مان پنهنجي خوراڪ ۽ معدني ضرورتون حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي قدرتي عمل ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ته معلوم ڪيو وڃي ته انهن سمورين سرگرمين جا سمنڊ تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا؟ سامونڊي لهرن جي ڪرنٽ ۽ سمنڊ جي تهه ۾ معدنيات جو مطالعو ڪندي هنن کي معلوم ٿيو آهي ته اتر سمنڊ موسمياتي تبديلين سبب لهرون ڊرامائي طور تي سست ٿي ويو آهن، پروفيسر رابرٽ چوي ٿو ته انهن ڳالهين جا اثر تمام پيچيده آهن پر شايد ڌرتي جي گولي تي ماحولياتي نظام وچ ۾ رابطا ڪمزور ٿي رهيا آهن ڇو ته سامونڊي لهرن جو ڪرنٽ وڏين وڏين شاهراهن جو ڪردار ادا ڪندو آهي، جيڪو کليل ۽ گهرن سمنڊن ۾ پکڙيل مختلف قسمن جي جاندارن وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. يونيورسٽي آف ٽروسمو جي قدرتي ذريعن مان حاصل ٿيندڙ دولت جي معاشي ماهر پروفيسر ڪلئر آرمسٽرانگ چوي ٿو ته انهن سمورين دريافتن ۽ ان مشن مان حاصل ٿيل علم جي اهميت اها آهي ته اسان کي اهو معلوم ٿي سگهندو ته اسان ڇا ڇا وڃائي رهيا آهيون ۽ اسان کي سمنڊ جي گهرائين جو خيال نٿو اچي ۽ ان لاءِ اسان جهڙي طرح سمنڊ جي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهيون ان بابت اسان ڪجهه سوچيون ئي نٿا، ڌرتي جي گولي تي وڌندڙ آبادي، گدلاڻ ۾ اضافو ۽ سمنڊ جي پکڙجندڙ واپاري سرگرميون جن ۾ ميڊيڪل ۽ انڊسٽريل سرگرميون به شامل آهن، انهن کي ڏسي آبي زندگي جا سائنسدان سمجهن ٿا ته اسان لاءِ ضروري آهي ته سامونڊي زندگي بابت پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪريون، پروفيسر آمسٽرانگ چوي ٿو ته سمنڊ جا ذريعا لامحدود نه آهن، انهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ اهو ڄاڻڻ ته مستقبل ۾ اسان کي ڪهڙين شين جي ضرورت پوندي ان بابت اهو ڄاڻڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.