117

عام معافي، هاڻي هٿيار ڦٽا ڪيو… 

ليکڪ: رياض ابڙو 

ڊيموڪريٽڪ جي هن صدر جي سياڻپ يا سياست چئون يا آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ جا حربا چئون جو 20 سال پهرين جن طالبانن کي هنن شدت پسند، دهشتگرد، ظالم، سفاڪ، جنگجو، ويڙهو ۽ ستين صديءَ ۾ رهڻ وارو طالبان سڏيو ته دنيا به انهن کي دهشتگرد چوڻ شروع ڪيو ۽ رڳو اهو ئي نه هو پر طالبان ته پاڻ کي انهن ڏنل وصفن پٽاندر ثابت به ڪيو، يا هي آمريڪي ٽرينڊ سيٽر آهن جو جيئن هي چون، جيڪو هي چون، جيستائين هي چون ۽ جنهن کي هي چون، يا آمريڪي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسين تحت انهن جي ٿنڪ ٽينڪ ۽ سڀ ايندڙ ويندڙ صدر هڪ ئي زبان ڳالهائيندا آهن، پوءِ جيڪا آمريڪي پاليسي هجي، ان پاليسيءَ تحت ڪنهن کي گندو ڪرڻو هجي، ڪنهن کي صاف سٿرو چوڻو هجي، ڪنهن سان جنگي معاهدا ڪرڻا هجن، ڪنهن سان ٽوڙڻا هجن، يا اهي اهو طئي ڪري وٺندا آهن ته ڪير دشمن آهي، ڪير آمريڪا جي سپرميسيءَ جو خيرخواهه آهي، ڪنهن تي آمريڪا هٿ رکندو، ڪنهن سان جنگي ساٿ نڀائيندو، ڪنهن کي امداد ڏيندو، ڪنهن کان وري ڊالر سندس ڪاڪڙي مان ڪڍي وٺندو، اهو سڀ انهن جي ٿنڪ ٽينڪ تي رکيل آهي، پوءِ اهي صدر ريپبليڪن جا هجن يا ڊيموڪريٽڪ جا هجن، پر ڪندا اهو جيڪو انهن جي ٿنڪ ٽينڪ چوندي، ڇو ته بائيڊن کي شروع ۾ ماڻهو ته ٽرمپ جي نسبت مسلمانن جو خيرخواهه سمجهندا هئا پر هن جي چال ۽ ڳوٽن جي ڦيرڦار مان اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته هي وڏو حرفتي آهي، وڏي سياست ٿو ڪري، معنيٰ هنن جي زبان ۽ ڪلام کي دنيا ڏسي ٿي ته هي هاڻي ڇا ٿا ڪن ۽ ڇا ٿا چون، هي جي طالبان کي گندو ڪن ته سڄي دنيا انهن کي گندو ٿي چئي، حقيقت ۾ قصور آمريڪين جو ناهي، قصور انهن جو آهي جيڪي استعمال ٿا ٿين، جيڪي انهن جي هٿن ۾ کيڏن ٿا، جيڪي پاڻ گندو ٿيڻ ٿا چاهين، ڇو ته دنيا جون ٻيون به قومون آهن جيڪي آمريڪين جي ڪنهن به چال ۾ نه آيون، پوءِ اها 60ع واري ڏهاڪي ۾ ويٽنام واري جنگ هجي، 19 صديءَ ۾ ايٽلانٽڪ ۽ پيسفڪ سمنڊن جي سرحدن ۾ ايندڙ ملڪن ۾ ٿيندڙ سياسي ڏڦيڙ هجي يا 20 صديءَ ۾ عثمانيا سلطنت جي ملڪن سان وڙهيا (تڏهن ته بائيڊن مئي مهيني ۾ طيب اردگان کي آمريڪي فوجن مارجڻ جي بدلي ترڪن کان معافي جو مطالبو ڪيو هو) يا ويهين صديءَ جي شروعات کان وٺي هنن اڄ تائين 100 ملڪن کان به وڌيڪ ملڪن ۾ مداخلت ڪئي آهي، اتي هنن سول وارز ڪرايون، جن ۾ وچ اوڀر وارا ملڪ، ڏکڻ ايشيائي ملڪ ۽ آفريڪا جا ملڪ، پوءِ انهن کي به عام معافي ڏئي انهن جي زخمن تي مرهم پٽي ڪن ها، رڳو طالبان ڇو؟ پر اها ڳالهھ ته اسان جو خان به مڃي ٿو ته ”هي طالبان آمريڪا جا ساٿاري آهن، معنيٰ آمريڪي پاليسي جو ڪو به توڙ ناهي، ان ڪري آمريڪين وري اها به ڌمڪي چاڙهي آهي ته خطي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي سگهي ٿي، ڇو ته خطي جي اسٽيبلٽيءَ کي انتها درجي جو خطرو ۽ خدشو اهو به آهي ته ڪٿي آمريڪا وري نيو ورلڊ آرڊر نه اپلاءِ ڪري وجهي جو ملڪن کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏي ته جيئن آمريڪا جي لاءِ آسانيون پيدا ٿي پون، ڇو ته انهن ننڍڙين رياستن کي ڪچلڻ آسان هوندو يا انهن تي آسانيءَ سان ”رول“ ڪري سگهبو. ڳالهھ سمجهھ کان مٿي آهي ته 20 سالن جي دشمني هاڻي دوستي ڇو؟ عام معافي ڇو؟ پوءِ آخر غلط ڪير آهي؟ آمريڪا طالبان جو دشمن آهي؟ يا طالبان ايمان جي طاقت تي آمريڪا تي اڃا حملا ڪندا؟ جو ڊيموڪريٽڪ جا وزير ڪانگريس ۾ هڪڙي ڳالھه ٿا ڪن ته ريبپليڪن جا وزير ٻي ڳالهھ تي بيٺا آهن، يا يو ايس جو چيئرمين جوائنٽس چيف آف اسٽاف ”جنرل مارڪ ملي“ هار به مڃي ٿو، اهي ڪهڙا آمريڪي هئا جيڪي ڏوهاري به پاڻ پيدا ڪندا هئا، وري ثابت به پاڻ ڪندا هئا ۽ انهن جي مدد به پاڻ ڪندا هئا، هاڻي ڪنسپائريسي به پاڻ ڪندا ٿا وتن، وري هاڻي انهن کي معافي به پاڻ پيا ڏين، ڇو ته هنن جي چالاڪين ۽ حرفتن ۾ خطي اندر 87 هزار ماڻهو مارجي ويا آهن، ان دوران 2443 آمريڪي فوجي به مارجي چڪا آهن، 1144 الائيڊ فورسز جا فوجي به مارجي ويا آهن، 20666 آمريڪي فوجي زخمي به ٿيا آهن، پر انهن کي ويھن سالن تائين اها خبر نه هئي ته ڪرڻو ڇا آهي؟ پوءِ ان جنگ جو مقصد ڇا هو، جو 6600 هزار افغاني فوجي به انهن آمريڪي جهيڙن ۾ مارجي ويا، 48 هزار افغاني شهري به مختلف بم ڌماڪن، ڊرون حملن ۽ خودڪش ڌماڪن ۾ به مارجي ويا ۽ هيل تائين 75000 تائين افغاني شهري به زخمي ٿي چڪا پر ڪو کڙتيل ناهي نڪتو، جو اهڙي سول وار جو آخر مقصد ڪهڙو هو؟ يا انساني حقن جي وصف طالبان ۽ آمريڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪهڙي آهي؟ يا آمريڪا جي نظر ۾ انسان ڪير آهن، ڪير انهن جي جنگ ٿو وڙهي، ڪير انهن جي چوڻ تي خطي ۾ ڏڦيڙ ٿو وجهي، ڪير پائيدار امن جو خواهان آهي، يا ڪير افغانين جي عام ڀلائي، صحت، تعليم، ترقي نه ٿو چاهي. وري بائيڊن ته پاڻ مڃي ٿو ته هي ڊپلوميسيءَ جو نئون دور آهي، معنيٰ هن کان اڳ جيڪي به افعان پاليسيءَ تحت خونريزي ٿي اها به ڊپلوميسي هئي، ڇو ته طالبان ۽ آمريڪا پاڻ ۾ راضي لڳا پيا آهن، طالبان ۽ آمريڪا جو ته ڪم ٿئي ٿو پيو ۽ طالبان کي عام معافي ته ملي ٿي پئي ته پوءِ پاڪستان ۾ جيڪي اهڙن ناڪرده ڏوھن جي ڪري جيلن ۾ سڙن ٿا پيا، انهن تي به رحم جي نگاھه ڪن يا هتي پروسڪرائيبڊ آرگنائيزيشن کي به عام معافي ڏين ۽ انهن جا گناھه به ڌوئي صاف ڪن، انهن کي به حڪومت ان اک سان ڏسي جنهن اک سان انهن کي اليڪشن کان اڳ ڏسندي هئي، پوءِ اهو ڪيئن تسليم ڪيون ته 20 سال اڳ واري آمريڪا هاڻي ناهي يا هاڻي اهي طالبان ناهن، طالبان ته ڪڏهن مٽيا ئي ناهن، پوءِ وري به ڏکيائون انهن ملڪن کي ڏسڻيون پونديون جيڪي انهن جي پاڙي ۾ رهن ٿا. حقيقت ۾ آمريڪا جي مٿي جو سور طالبان ناهن، پر انهن جي مٿي جو سور چائينا برانڊ وارو ڪووڊ، چائينا جي نيڪسٽ سپرپاوري، پيرس ڪانفرنس تحت آمريڪا تي پريشر ته اهي ڪلائيميٽ چينج جي مهم جوئيءَ لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪن، آمريڪين جي مٿان اهو به پريشر آهي ته اهي روز روز ٿيندڙ نسلي جھيڙا ختم ڪن، ڪارن آفريڪين، غير آمريڪين، مسلمانن ۽ ٻين نسلن جي مٿان ظلم ۽ خون ريزيءَ کي روڪي سگهن، هنن جي مٿي جو سور اهو به آهي ته هڪ نئين گروپ کي تشڪيل ڏين جن ۾ جاپان، ڀارت، نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ آمريڪا پاڻ هجي ته جيئن آسٽريليا، چين ۽ فرانس جي معاهدن کي روڪي سگهجي، 2017 ع ۾ ٽرمپ سرڪار افغانستان جون حالتون، غربت، بدحالي ۽ بيڪار معيشت کي ڏسي هنن جي مٿان ايئر اسٽرائيڪ گھٽائي ڇڏيون هيون پر هاڻي وري اهڙيون ايئراسٽرائيڪ شروع ڪري ڇڏيون اٿن، ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبليڪن کي جي آمريڪا جا انٽريسٽ هڪجيترا عزير آهن ته پهرين پاڻ هڪ پيج تي ته اچن، جو ڪانگريس جي گڏجاڻي ۾ ٻئي هڪٻئي جا مخالف ٿي ٿا بيهن ۽ جيڪي ڳالهيون ماڻهو ڪوڙيون ۽ شڪي ٿا سمجهن انهن کي هي تصديق ٿا ڪن ته عام معافي به ڊرامو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو