114

”پنڊورا پيپرز“ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو…!!!

ايڊيٽوريل

پاڪستان سميت دنيا ۾ ٽئڪس بچائڻ ۽ پنهنجا ڳجها اثاثا لڪائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن، جن ۾ آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ به هڪ آهي، دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو ٽئڪس ۽ ٻين معاملن کان بچڻ لاءِ توڙي پنهنجا پئسا ڪاروباري مقصدن ۾ سيڙائڻ لاءِ آف شور ڪمپنيون قائم ڪندا آهن، جن مان اڪثريت انهن ماڻهن جي ظاهر ٿيندي آهي جن غيرقانوني طريقي سان ملڪيتون ٺاهيون آهن، پاناما پيپرز کانپوءِ پنڊورا پيپرز نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي، پاناما پيپرز دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن جون آف شور ڪمپنيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سان دنيا ۾ وري  ٿرٿلو مچي ويو آهي، پنڊورا پيپرز ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي 700 کان وڌيڪ آف شور ڪمپنين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سياستدان، ڪاروباري ماڻهو، بئنڪر، اڳوڻا فوجي ۽ ميڊيا مالڪ شامل آهن، سامهون آيل خبرن موجب ناڻي واري وزير شوڪت ترين جون 4 آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن، وفاقي وزير مونس الاهي جون 2، فيصل واوڊا جي هڪ، علي ڊار جون 2، وقار مسعود جي آف شور ڪمپني پڻ نڪري آئي آهي، وفاقي وزير خسرو بختيار جي خاندان جون پڻ آف شور ڪمپنيون نڪتيون آهن، قطر جي حڪمرانن جون آف شور ڪمپنيون به سامهون آيون آهن، يوڪرين، ڪينيا جي صدرن، چيڪ ريبپلڪ ۽ لبنان جي وزيراعظمن، اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ۽ برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر جو نالو به آف شور ڪمپنين جي مالڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان جي مختلف اهم شخصيتن جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن، قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ غيرقانوني ناهي، پر جيڪڏهن غلط پئسن آف شور ڪمپنيون ٺاهيون ويون آهن يا آف شور ڪمپنين کي غلط مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ غيرقانوني مفاد حاصل ڪيا ويا آهن ته اهو يقينن قانوني ڏوهه آهي، ان کان اڳ پاناما پيپرز ڪيترن ئي ملڪن کي لوڏي ڇڏيو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت 400 کان وڌيڪ ماڻهن جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون هيون، پاناما پيپرز جي ڪري نواز شريف نه رڳو پنهنجو عهدو وڃايو پر ان ڪيس ۾ کيس نااهلي ۽ 10 سال قيد جي سزا پڻ آيل آهي، وزيراعظم عمران خان پنڊورا پيپرز جي آجيان ڪندي شامل نالن جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي، پاناما پيپرز ۾ عمران خان سخت اسٽينڊ وٺندي شامل سمورن ماڻهن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي هئي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پنڊورا پيپرز ۾ جن حڪومتي ماڻهن جا نالا شامل آهن، انهن جي اثاثن ۽ آف شور ڪمپنين جي جاچ ٿيندي يا نه، جڏهن ته اڳوڻن فوجي آفيسرن توڙي ڪاروباري شخصيتن خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي ته انهن آف شور ڪمپنيون ڪيئن ٺاهيون، ڪهڙن مقصدن لاءِ ۽ ڪهڙين ملڪيتن مان ٺاهيون، تجزيي نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته اڪثر آف شور ڪمپنيون عوام جي چوري ڪيل پئسن ۽ مني لانڊرنگ مان ٺاهيون وڃن ٿيون، پئسا ملڪ مان چوري مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر وڃن ٿا، جنهن سان ملڪ جي معيشت متاثر ٿئي ۽ عام ماڻهو ڀوڳي ٿو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پنڊورا پيپرز ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به وڏي هلچل مچائيندا، غيرقانوني ڪم ۾ جيڪو به ملوث هجي ان کي قانون جي ڇٽيءَ آڻڻ گهرجي ۽ عوام جي پئسن جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو