اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز ۾ شامل 700 پاڪستانين جي ملڪيتن بابت جانچ لاءِ ايف بي آر، نيب ۽ ايف آءِ اي جي ميمبرن تي ٻڌل سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. پينڊورا پيپرز واري معاملي تي سومر ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اٽارني جنرل تي ٻڌل ڪميٽي وزيراعظم کي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي ۽ پينڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستاني ماڻهن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم پينڊورا پيپرز ۾ وفاقي وزيرن جا نالا اچڻ واري معاملي تي پڻ مشاورت ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستاني شهرين خلاف جانچ جي حوالي سان تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو . جنهن کان پوءِ وزير اعظم 700 پاڪستانين جي ملڪيتن بابت جانچ لاءِ ايف بي آر، نيب ۽ ايف آءِ اي جي ميمبرن تي ٻڌل سيل قائم ڪري ڇڏيو . وزيراعظم جي معائنه ڪميشن هيٺ قائم ڪيل سيل پينڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي جانچ ڪندو. قائم ڪيل اعليٰ سطحي سيل پينڊورا پيپرز ۾ شامل سڀني ماڻهن کان جواب طلب ڪندو، جاچ کان پوءِ معائني ڪميشن جو سيل حقيقتون قوم سامهون رکندو . سيل جانچ دوران اهو ڏسندو ته پرڏيهه ۾ڳجهون ڪمپنيون قائم ڪندڙ 700پاڪستانين ٽئڪس ڏنو هو يا نه، انهن جي ناڻي جا ذريعا قانوني هئا يا غيرقانوني هئا. قائم ٿيل سيل ان معاملي جي پڻ تحقيق ڪندو ته جن ماڻهن جا نالاپينڊورا پيپرز ۾ آيا آهن انهن پنهنجون اهي ڳجهون ڪمپنيون ڊڪليئر ڪيون هيون يا نه. عمران خان قانون واري وزارت کي سيل لاءِ ٽي او آرز ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جانچ ۾ ان جو پڻ جائزو ورتو ويندو ته پرڏيهه ۾ ڪمپنيون ٺاهڻ لاءِ مني لانڊرنگ ته نه ڪئي وئي.
110
sobh jo email ?