اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي به وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. في يونٽ جي اگهه ۾ پوڻا 2 روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا هڪ سال جي لاءِ بجليءَ جي اگهه ۾ هڪ روپي 72 پئسا واڌ ڪري في يونٽ اگهه 16 روپيا 44 پئسن مان وڌائي 18 روپيا 16 پئسا ڪري ڇڏيو آهي. بجليءَ جي اگهه ۾ واڌ ذريعي صارفين کان 90 ارب روپين جي وڌيڪ اوڳاڙي ٿيندي، نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيو ليٽري اٿارٽي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا چيو آهي ته بجليءَ جي اگهه ۾ ڪيل هيءَ نئين واڌ 20-2019 ۽ 2020-21 جي ٽن مهينن واري ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. اگهه ۾ واڌ رڳو 300 يونٽن کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن تي ئي لاڳو ٿيندي، 80 سيڪڙو صارفين 300 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، ڪراچي ۾ لاڳو نه ٿيندو.
