راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو هي ته وطن جي لاءِ پنهنجي جان جي قربانيءَ کان وڏي ٻي ڪابه شئي نه آهي. اهڙو اظهار هن جي ايڇ ڪيو ۾ مختلف آپريشنز ۾بهادري ڏيکاريندڙ جوانن ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ فوجي جوانن، آفيسرن ۽ سندن ڪٽنبن پڻ شرڪت ڪئي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسان جا جوان ۽ آفيسر ئي اصل هيرو آهن، اسان جي شهيدن جون قربانيون اجايون نه وينديون. اسان جي جوانن ۽ آفيسرن جي قربانين جي نتيجي ۾ ئي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آيو آهي.
