اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن هن اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ۾ ان پروگرام جو افتتاح ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ مان غريبي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام هيٺ 14 سئو ارب جا قرض 37 لک ڪٽنبن کي ڏنا ويندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج حصا آهن. ڪامياب آبادگار پروگرام جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام هيٺ ڪاروبار لاءِ پنج لک روپين تائين بنا وياج جا قرص ڏنا ويندا. سستو گهر اسڪيم هيٺ پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ سولين قسطن تي فنانسنگ جي سهولت ملندي، حڪومت جي ڪاميابي سان هلندڙ فني مهارت اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حصو ڪيو ويندو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي مانيٽرنگ لاءِ نظام هئڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان کي مثالي اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ها ان تي طرف ڌيان نه ڏنو ويو. اسان هڪ هڪ جهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيه جي لاءِ هيون. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو نظام اشرافيه جي لاءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي سهولتون اميرن ۽ اشرافيه لاءِ هيون، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت غريبي ختم ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اسان 22 سيڪڙو اضافو ڪيو. جن ملڪن ۾ تيل جي پيداوار آهي ان کان سواءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ سڀني کان ٿوري واڌ اسان ڪئي، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو جڏهن ته اسان 21 سيڪڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اسان ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 400 ارب روپيا نقصان برداشت ڪيو، ان جي مقابلي ۾ هندستان سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وزيراعظم چيو ته اسان کي قيمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي استعمال جي شين تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته اسان 70 سيڪڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي واڌ جي ڪري مهانگائي ٿي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام 74 سال اڳ شروع ٿيڻ گهرجي ها، اسان جي اها سوچ غلط هئي ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي رياست ٺاهينداسين، وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه اسان دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي، سا دنيا جي امام ٿي وئي.وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي پيروي جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اختيار ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وزيراعظم چيو ته مديني ۾ پهرين فلاحي رياست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي مقابلي ۾ ترقي جي رستي تي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي مٿي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن لاءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غريبي مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي.
122