108

سنڌ سرڪار ارسا جو پاڻي ورهائڻ وارو ٽي رخي فارمولا غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، قبول نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  سنڌ سرڪار ارسا جي 30 سيپٽمبر تي ٿيل گڏجاڻي وارن منٽس کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ صوبو پاڻي ورهائڻ جو ٽي رخي فارمولا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ارسا جي 30 سيپٽمبر تي ڪوٺايل مشاورتي ڪميٽي جي گڏجاڻي جا جاري ڪيل منٽس حقيقتن جي ابتڙ آهن انهن م تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ ارسا جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ارسا پاران 2003 ۾ جڏهن ٽي رخي فارمولي جي منظوري چاھي پئي تڏھن به مشاورتي ڪميٽي جي منٽس کي تبديل ڪيو ھو ۽ ساڳئي ريت 1994ع ۾ پڻ مشاورتي ڪميٽي جي گڏجاڻي جي منٽس ۾ هيرا ڦيري ڪئي وئي.  صوبائي وزير  چيو ته هن ڀيري به ارسا پنهنجي ڪوڙ ۽ فريب جي روايت کي برقرار رکندي مشاورتي ڪميٽي جي منٽنس آف ميٽنگ ۾ حقيقتن جي غلط تشريح ڪري تبديلي ڪئي آهي، ارسا جي اھڙا عمل جا تباھي ڪندڙ  آهن جنهن جا خراب اثر پوندا. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ارسا جي ايندڙ گڏجاڻين جي وڊيو ۽ آڊيو رڪارڊنگ ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتن جي غلط تشريح جي عمل کي وائکو ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو