121

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي مدي ۾ واڌ، وفاقي ڪابينا ۽ اهم سرڪاري ادارا احتساب کان آجا، آرڊيننس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي نيب چيئرمين طور مدي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، ان سان گڏ نيب قانون ۾ به تبديلي ڪري صدارتي آرڊيننس2021  جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته صدر نيب جي ڊپٽي چيئرمين جي استعيفيٰ منظور  ڪري ورتي آهي. جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس هيٺ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي نئين چيئرمين جي مقرري تائين واڌ ڏني وئي آهي. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته نئين چيئرمين جي مقرري تائين هاڻوڪو نيب چيئرمين ڪم جاري رکندو، صدر نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪندو ۽ انهن جو  اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي نيب چيئرمين جو معاملو پارلياماني ڪميٽي کي موڪليندو . 12 ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي ۾ 6 ميمبر مخالف ڌر جا ۽ 6 ميمبر حڪومتي ڌر جاشامل هوندا. نئين نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو، جڏهن ته مدو مڪمل ٿيڻ تي نيب چيئرمين کي ايندڙ 4 سالن لاءِ به مقرر ڪري سگهبو. آرڊيننس موجب ٻيهر مقرري لاءِ مقرري وارو طريقو ئي اختيار ڪيو ويندو پر نيب چيئرمين کي سپريم ڪورٽ جي ججن وانگر ئي هٽائي سگهبو، جڏهن ته نيب چيئرمين پنهنجي استعيفيٰ صدر کي موڪلي سگهي ٿو. آرڊيننس تحت نيب قانون وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ٽيڪسيشن جي معاملن تي لاڳو نه ٿيندو، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا، ڪميٽين ۽ ذيلي ڪميٽين جا فيصلا نيب جي اختيارن جي دائري ۾ نه ايندا، جڏهن ته ٽيڪس سان لاڳاپيل معاملا نيب جي اختيارن جي دائري مان ڪڍيا ويا آهن. نيب خانگي ادارن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل، اين اي سي، اين ايف سي، ايڪنڪ، سي ڊي ڊبليو پي، پي ڊي ڊبليو پي جا فيصلا به نيب جي اختيارن جي دائري کان ٻاهر هوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو