راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون ڪندي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي، سندس جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ محمد عامر کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي صدر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميجر جنرل عاصم ملڪ کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس پاڪ فوج جو ايجوٽنٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نيون ذميواريون ملڻ کان پوءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وزيراعظم عمران سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ طور سندس خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ نئين پوسٽنگ تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي جون 2019 ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو هو. آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪمانڊر فائيو ڪور سنڌ پڻ رهي چڪو آهي. آپريشن رد الفساد دوران بلوچستان ۾ ايف سي جو آءِ جي پڻ رهيو. ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم پنجاب رجمنٽ جي لائٽ اينٽي ٽينڪ بٽالين مان ڪميسن حاصل ڪري چڪو، آپريشن ضرب عضب ۾ هڪ انفنٽري بريگيڊ کي ڪمانڊ پڻ ڪيو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪري کيس ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۽ پاڪ فوج سان لاڳاپيل ٻين اهم معاملن بابت بريفنگ پڻ ڏني.
126