107

عمران خان امپائر سان گڏ سازش ڪري (ن) ليگ حڪومت ڪيرائي: مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان امپائر سان گڏ سازش ڪري (ن) ليگ حڪومت ڪيرائي، نيب چيئرمين مدي ۾ واڌ غير قانوني آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پينڊورا پيپرز تي جي آءِ ٽي ڪٿي آهي؟، جنهن انسپيڪشن ڪميشن کي عمران خان هلائي پيو،  انهن جي اي ٽي ايمز خلاف ڪارروائي ڪيئن ڪندو؟، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پاناما بئنچ ۽ نيب پينڊورا ليڪس تي ڪٿي آهن، منهنجو ڪيس پوليٽيڪل انجنيئرڊ آهي،  نواز شريف کي پاناما جي بدران اقامه تي ڪڍيو ويو هو، عمران خان ٻڌائي ته ان ڪهڙا تحفا وٺي کيسي ۾ وڌا آهن، نيب چيئرمين کي واڌ ڏيڻ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، اميد ته عدالت مان اها واڌ رد ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو