اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي سان عام ماڻهو جي متاثر ٿيڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊي حاصل ڪرڻ جي طريقي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام هيٺ مستحقين کي ضروري شيون گهٽ اگهه تي ملنديون. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقو واضح ڪيو ويو آهي.
112