98

نواز شريف جي سياست مرندي ڏسان پيو، ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو مون کي ڪو پتو ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي سياست مرندي ڏسان پيو، ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو مون کي ڪو پتو ناهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اي سي ايل ۾ هجڻ تي درخواست ڏئي، اسان ڏسنداسين، عدالت يا گهرو وزارت سان رابطو ڪري سگهي ٿو، اسان مزاحمت نه پر مفاهمت ڪندا آهيون، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت مون وٽ ڪا خبر ناهي، ٽي ٽي پي کي ٽن، چئن گروپن جوائن ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته مون وٽ ڪا خبر ناهي، هن چيو ته اسان افغانستان جي لاءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو