112

سليڪٽيڊ حڪومت لکين ماڻهو بيروزگار ڪيا، ٻڌايو ته ڪنهن کي نوڪريون ڏنيون آهن:سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان کي بيروزگاري سان مذاق قرار ڏيندي چيو ته فواد چوڌري پي ٽي آءِ حڪومت طرفان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ وارو بيان ڏنو هو جيڪو حقيقت جي ابتڙ ۽ ملڪ جي بيروزگار نوجوانن سان مذاق جي برابر آهي. جاري ڪيل پڌرائي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري سميت پي ٽي آ3 حڪومت کي بيروزگار نوجوانن جو ڪو به احساس ناهي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارو بيان مذاق آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته فواد چوڌري ٻڌائي ته نوڪريون ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڏنيون ويون آهن؟ هن چيو ته مهانگائي ۽ غربت جي ماريل عوام جو مذاق اڏائڻ بند ڪيو نه ته عوام غضب جو شڪار ٿي ويندا، عوام اڳ ئي سليڪٽڊ حڪومت ۾ تنگ اچي چڪو آهي. هن چيو ته اوهان جي حڪومت ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران بيروزگاري ڪيو آهي لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بيروزگار ٿي بي يارو مددگار پيل آهن احساس پروگرام جو ذڪر ڪندڙن کي عوام جو ڪو به احساس ناهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن عوام کي نوڪريون ڏنيون آهن ته پوءِ ٿڌن ڪمرن مان ٻاهر نڪري ٿورو عوام جو حال ڏسو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو