125

شهباز شريف ۾ ٿورو به شرم هجي ته استعفا ڏي، عمران خان ساڻس سان مشاورت نه ڪندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته  وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ۾ ٿورو به شرم هجي ته هو پاڻ ئي مخالف ڌر جي عهدي تان استعفا ڏئي ڇڏي. هڪ ماڻهو جيڪو نيب ۾ جوابدار آهي ۽ هو بضد ڪر بيٺو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، اهو سرسر نامناسب آهي.  اسان جو واضح موقف آهي ته اپوزيشن سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن مخالف ڌر جو شوق آهي ته ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ٿئي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف نيب جو جوابدار آهي، ان سان مشاورت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان کان جانچ ڪير ڪري. فواد چوڌري چيو ته اسان جو مقصد نيب ڪيسن کي منطقي انجام تي تائين پهچائڻ آهي. هن چيو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ جي صورت ۾ به ايندو، اسان ان تي مخالف ڌر سان مشاورت ڪنداسين، مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن اها وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهي ته ڏئي سگهي ٿي، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو