اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته آدمشماري لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺنداسين. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ وفاقي وزير آءِ ٽي امين الحق، خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا. ان موقعي تي آدمشماري ۽ سنڌ ۾ جاري وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آدمشماري لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻيندي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي چونڊ عمل تي پوندڙ اثرن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي.ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام هيٺ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ بابت اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت کي مهانگائي سان عام ماڻهو جي متاثر ٿيڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏئي رهي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊي حاصل ڪرڻ جي طريقي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام هيٺ مستحقين کي ضروري شيون گهٽ اگهه تي ملنديون. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقو واضح ڪيو ويو آهي.
101