137

عمر شريف عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جو مڙهه ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، رپورٽ موجب ڪلفٽن ۾ واقع پارڪ ۾ سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي اڳواڻ، اداڪار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، مولانا رشيد فاروقي جنازي نماز پڙهائي، جنهن کانپوءِ سندس خواهش تحت مزار جي احاطي ۾ تدفين ڪئي وئي، عمر شريف جو مڙهه گذريل ڏهاڙي صبح جو 5 وڳي 33 منٽن تي ڪراچي آندو ويو. ٻئي طرف عمر شريف جي تدفين دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، ٻن ڊي ايس پيز سميت 200 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. عمر شريف جو مڙهه قومي جهنڊي ۾ ويڙهيل هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو